اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي هدايت تي پنجاب حڪومت مهانگائي جي ور چڙهيل غريب عوام جي لاءِ وڏو رمضان پئڪيج تيار ڪيو آهي جنهن تحت غريب خاندانن کي مف?? اٽو فراهم ڪيو ويندو. اهو فيصلو وزيراعظم جي صدارت ۾ پنجاب ۾ رمضان پئڪيج تحت مف?? اٽي جي فراهمي جي جائزه اجلاس ۾ ڪيو ويو. پهريون ڀيرو غريب خاندانن کي مف?? اٽي جي فراهمي جو اهو پنهنجي نوعيت جو پهريون پئڪيج آهي جيڪو وزيراعظم جي خصوصي هدايت تي تيار ڪيو ويو آهي. پهرين مرحلي ۾ پنجاب صوبي ۾ غر??ب ترين ماڻهن کي خصوصي رمضان پئڪيج تحت مف?? اٽو فراهم ڪيو ويندو. وزيراعظم غريب خاندانن کي رمضان پئڪيج تح?? اٽي جي فراهمي تي ٺوس حڪمت عملي جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چي?? ته رمضان مهيني ۾ روزيدارن کي وڌ کان وڌ ريليف ڏنو وڃي. وزيراعظم جي هدايت تي پنجاب ماڊل جي طرز تي سڄي ملڪ ۾ رمضان پئڪيج جي غريب عوام کي فراهمي جي لاءِ وفاق صوبن کي هر ممڪن تعاون فراهم ڪندو. اجلاس ۾ چي?? سيڪريٽري پنجاب زاهد اختر زمان ۽ ناڻي واري سيڪريٽري مجاهد شير دل رمضان پئڪيج جي حوالي سان وزيراعظم کي بريفنگ ڏني. پنجاب جي نگران وڏي وزير سيد محسن رضا نقوي کانسواءِ خوراڪ وارو سيڪريٽري ۽ ٻيا اعليٰ عملدار پڻ اجلاس ۾ شريڪ ٿيا.
وزيراعظم جي هدايت تي پنجاب حڪومت پاران مهانگائي جي ور چڙهيل غريب عوام جي لاءِ وڏو رمضان پئڪيج تيار
مضمون کا ماخذ : bolão lotofácil