اسلام آباد – 11– اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته اڳوڻي حڪومت صحافين جي ??قن جي ??حفظ بابت اختيار انساني حقن واري وزارت کي ڏئي ڇڏيا هئا، اسان حڪومت سنڀاليندي ئي ڪابينا ۽ پارليامينٽ جي منظوري سان اهو اختيار واپس اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت کي ڏياريو آهي، اسان ڪنهن صحافي جي ??لاف پيڪا قانون تحت ڪيس ناهن ٺاهيا. هو سينيٽ جي ??طلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ ڳالهائي ر??ي هئي. پي ٽي وي هيڊڪوارٽر ۾ منعقد ٿيندڙ اجلاس جي ??دارت ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر فيصل جاويد ڪئي. صحافت جي ??زادي جي ??والي سان معاملي تي تفصيلي بحث ڪيو ويو. سينيٽر فيصل جاويد جي ميڊيا جي ??لاف ڪيسن ۽ انتقامي ڪاررواين جي ??ڪايت تي سينيٽر عرفان صديقي ۽ سينيٽر وقار مهدي تجويز ڏني ته ميڊيا مالڪن کي گهرائي اڳوڻي ۽ موجوده دور ۾ صحافت جي ??زادي جي ڀيٽ ڪرائي وٺون ٿا ته ڪهڙي دور ۾ ڇا ٿيو؟ سينيٽر عرفان صديقي چيو ته اڳوڻي ۽ موجوده دور جي پوري ڪهاڻي ڪميٽي ۾ اچڻ گهرجي، آئون ته پاڻ اڳوڻي حڪومت جي ??نتقامي ڪارروائي جو ثبوت ويٺو آهيان، مير شڪيل الرحمان ۽ ٻين ميڊيا پرسنز کي پڻ گهرايو، انهن کان پڇو گذريل چار سال ۾ ڇا ٿيو. ڪميٽي جي چيئرمين فيصل جاويد پيمرا چيئرمين کان مطالبو ڪيو ته خاطري ڪرايو عمران خان جي ??قرير سمورن چينلز تي نشر ٿيندي. ڪميٽي ميمبرن ان تي اعتراض ڪيو ۽ ٽهڪ لڳائيندي چيو ته پرائيويٽ ميڊيا کي پيمرا چيئرمين اهو ڪيئن چئي سگهي ٿو. پيمرا چيئرمين سليم بيگ چيو ته پيمرا ڪنهن سياسي پارٽي جي ??ربراهه جي ??قرير ڏيکارڻ جي لاءِ چينلز کي نه ٿو چئي سگهي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته هڪ سال ۾ ڪو چينل بند ناهي ٿيو نه ئي ڪو پروگرام، هڪ سال ۾ ڪنهن جي نڪ جي هڏي ناهي ٽوڙي، نه پاسراٽيُون ٽوڙيون. ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر فيصل جاويد چيو ته ميڊيا سان زيادتيون ٿي ر??يون آهن، چينل بند ٿي ر??يا آهن، جنهن تي اطلاعات واري وزير سوال ڪيو ته ٻڌايو ڪهڙو چينل بند ٿيو آهي، ان سوال تي سينيٽر فيصل جاويد لاجواب ٿي ويو. اطلاعات واري وزير ڪميٽي چيئرمين کي مخاطب ڪندي چيو ته حقيقتون ۽ انگ اکر آڻيو پوءِ ڳالهه ڪريو، اسان ڪنهن صحافي جي ??لاف پيڪا قانون تحت ڪيس ناهن ٺاهيا. وفاقي وزير مريم اورنگزيب سوال اٿاريو ته نواز شريف تي پابندي ڪنهن هنئي هئي؟ عرفان صديقي کي اڌ رات جو ڪنهن گرفتار ڪيو هو؟ هن چيو ته هي گذريل چار سالن وارو ڪارو دور نه آهي، جتي پروگرام، ڪالم ۽ چينل بند ڪيا ويندا هئا، ميڊيا جي ??زادي تي مڪمل يقين ئي نه ٿا رکون ان تي عمل به ڪريون ٿا. سينيٽر سيد وقار مهدي چيو ته ريڊيو پاڪستان جي ملازمن جي ??يواهن جي پينشن جي 20 رمضان تائين ادائيگي جو واعدو ڪيو ويو هو جنهن تي ڊي جي ر??ڊيو پاڪستان طاهر حسن چيو ته رقم جو بندوبست ٿي ويو آهي، پينشنرز جي ??يواهن کي سڀاڻي ر??م ادا ڪئي ويندي. وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته گذريل حڪومت ريڊيو پاڪستان جي پرائيويٽ بزنس جو عمل شروع ڪيو هو، منصوبو رڳو ڪاغذن ۾ هو، عملي ڪم نه ٿيو هو، اسان ريڊيو بزنس پلان جي ??ياري جي ??روعات ڪئي، ڊي جي ر??ڊيو هڪ پلان تيار ڪري ورتو آهي پر اڃا وزارت کي باضابطا پيش ناهي ٿيو، ريڊيو پاڪستان کي زمين جي وڪري يا پرائيويٽ شعبي کي ڏيڻ جي ڪا اجازت ناهي ڏني وئي. هن چيو ته ريڊيو جي ??مين تي سئنيما ٺاهڻ جي ??جويز جو جائزو وٺڻ جو چيو هو ته جيئن ريڊيو جي ??مدني ٿي سگهي، پي ٽي وي ۽ ريڊيو جا رپورٽرز پرائيويٽ ميڊيا وانگر هاڻي فيلڊ ۾ نظر ايندا. هن چيو ته اسٽيٽ آف دي آرٽ چار پوڊ ڪاسٽ اسٽوڊيوز ريڊيو ۾ تيار ٿي چڪا اهن. اطلاعات واري وزير ڪميٽي ميمبرن کي ر??ڊيو جي ??وري ۽ پوڊ ڪاسٽ اسٽوڊيوز جي معائني جي ??عوت پڻ ڏني. پيمرا چيئرمين سليم بيگ چيو ته لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي تي مڪمل عملدرآمد ٿيو آهي، ميڊيا جي ??يڊيٽوريل ججمنٽ تي اسان جو اختيار نه آهي، عمران خان جي ??قرير ڏيکارڻ يا نه ڏيکارڻ جو فيصلو چينلز پاڻ ڪندا آهن، پيمرا ڪا پابندي ناهي لڳائي.
اڳوڻي حڪومت صحافين جي حقن جي تحفظ بابت اختيار انساني حقن واري وزارت کي ڏئي ڇڏيا هئا: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : loterias da caixa