پشاور – 22 – جون (اي پي ??ي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ترقي ۽ روشن مستقبل جي لاءِ اع??يٰ تعليم جو فروغ لازمي آهي، هن يونيورسٽين تي زور ڏنو ته اهي پاڪستان جي ترقي جي لاءِ گريجوئيٽس جو انگ وڌائڻ جي لاءِ ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪن. صدر اهڙن خيالن جو اظهار خيبرپختونخواهه جي گورنر حاجي غلام علي، نگران وڏي وزير محمد اعظم خان ۽ صوبائي ڪابينا جي ميمبرن سان گورنر هائوس ۾ ملاقات دوران ڪيو. اع??يٰ سطحي اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري ۽ انسپيڪٽر جنرل آف پوليس خيبرپختونخواهه پڻ شرڪت ڪئي. ملاقات ۾ صوبي جي انتظامي ۽ ??ال?? معاملن سميت امن امان جي مجموعي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ سڄي صوبي خاص طور تي ضم ٿيل ??لع?? ۾ ترقياتي معاملن بابت پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. انضمام کانپوءِ قبائلي عوام کي درپيش مشڪلاتن ۽ مسئلن جي حل لاءِ آئين ۽ قانون موجب قدم کڻڻ بابت معاملا پڻ بحث هيٺ آيا. ملاقات ۾ صوبي ۾ پبلڪ سيڪٽرز يونيورسٽين جي ??ال?? ۽ انتظامي مشڪلاتن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. صدر چيو ته اع??يٰ تعليم تمام اهم شعبو آهي ۽ خيبرپختونخواهه جون يونيورسٽيون ملڪ جي خوشحالي جي لاءِ ٽيڪنالاجي جي مدد سان گريجوئيٽس جي انگ ۾ اضافو ڪري سگهن ٿيون. هن خيبرپختونخواهه جي يونيورسٽين تي زور ڏنو ته اهي آن لائين تعليم جي ڪاٿي ۾ اضافو ڪن ۽ معياري فني ۽ پيشيواراڻي تعليم يافته افرادي قوت جو هڪ وڏو انگ پيدا ڪرڻ جي لاءِ مختلف شفٽس شروع ڪن جيڪي پائيدار ترقي ۽ سماجي اقتصادي ترقي جي لاءِ لازمي آهن. هن يونيورسٽيز انتظاميا کي چيو ته اهي پنهنجي ??ال??اتي مسئلن کي حل ڪرڻ جي لاءِ گرانٽ جي ماهر جون خدمتون حاصل ڪن. نگران وڏي وزير محمد اعظم خيبرپختونخواهه جي يونيورسٽين ۾ وائيس چانسلرز جي جلد مقرري جي ضرورت تي زور ڏنو. ان موقعي تي صوبائي حڪومت جي عملدارن يونيورسٽين جي موجوده ??ال??اتي ۽ انتظامي معاملن بابت بريفنگ ڏني.
ترقي ۽ روشن مستقبل جي لاءِ اعليٰ تعليم جو فروغ لازمي آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : estratégias para lotomania