جده- 06 نومبر (اي پي پي) اسلامي سهڪار تنظيم (او آءِ سي) اس??ائيلي وزير اميچائي الياهو طرفان غزه جي پتي تي ايٽمي بم ڪرائڻ جي ڌمڪي کي انتهاپسندي، نفرت انگيزي، تشدد ۽ منظم دهشتگردي تي اڪسائڻ جي متراف قرار ڏنو آهي. اسلامي سهڪار تنظيم طرفان جده مان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته فلسطيني عوام خل??ف روزانو جي بن??اد تي اس??ائيلي نسل ڪشي عالمي قانون، معاهدن ۽ قراردادن جي خلاف ورزي آهي. بيان ۾ اس??ائيل جي نسل ??رستاڻي بيانن جي مذمت ڪندي چيو ويو ته او آءِ سي ان بيان کي دهشتگرد نسل ??رستاڻي نظريي جي توسيع جي طور تي ڏسي ٿو. بيان ۾ عالمي برادري سان فلسطيني عوام جي خلاف اس??ائيلي جارحيت، روزانو قتل عام ۽ نسل ڪشي جي مذمت ڪرڻ ۽ روڪڻ لاءِ موثر قدم کڻڻ جو مطالبو ڪيو ويو.
مضمون کا ماخذ : ڈریگن اسپن