اسلام آباد – 29 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ ??ار??ياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته پاڪستان جو وجود سمورين اق??يت?? جي حقن جو ضامن آهي، پاڪستان جيترو مضبوط ٿيندو ايترو ئي ڀارت جي اندر مظلومن جو آواز مضبوط ٿيندو، نريندر مودي ڪڏهن به مظلومن سان گڏ نه بيٺو، ڀارت ۾ اڪثريت جي نالي تي ننڍڙي اقليت جو هڪ پرتشدد راڄ لاڳو آهي جتي مذهبي اق??يت?? تي ظلم ڪيا پيا وڃن، انساني حقن جون عالمي تنظيمون ڀارت ۾ اق??يت?? سان اڻوڻندڙ سلوڪ جو پردو فاش ڪري رهيون آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن فرينڊز آف ڪشمير انٽرنيشنل ۽ ڪشمير ميڊيا سروس جي اهتمام هيٺ ”ڀارت ۾ اق??يت?? ۽ ڪشميرين تي ظلم ۽ ڏاڍ“ جي عنوان سان منعقد سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات ۽ ??ار??ياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته پاڪستان سدائين ڪشمير ڪاز جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکي آهي ۽ اها والاريل ڪشمير جي آزادي تائين جاري رهندي. هن چيو ته پاڪستان ۾ جتي به اق??يت?? سان ڪڏهن ڪو واقعو پيش آيو ته ان وقت نه رڳو اسان جو معاشرو پر سياسي ??ار??يون ۽ حڪومت مظلومن سان گڏ بيٺيون، جڙانوالا جي افسوسناڪ واقعي جي فوري پوءِ نگران وزيراعظم پاڻ اتي ويو، اق??يت?? جي نقصانن جي تلافي ڪئي، هي اهو فرق آهي جيڪو پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ موجود آهي، جڏهن ڀارت ۾ مذهبي اق??يت?? تي ظلم ڪيا وڃن ٿا ته اهڙو ردعمل تي نظر نه ٿو اچي. هن چيو ته جڏهن کان بي جي پي جي حڪومت آئي آهي، ان وقت کان اها شيءَ ڀارت ۾ ڏسڻ جي ل??ءِ ناهي ملي، جيڪڏهن مني پور، گجرات يا ڪشمير ۾ اق??يت?? سان ڪو واقعو يا سانحو رونما ٿئي ٿو ته نريندر مودي اتي مظلومن سان گڏ ڪڏهن به ناهي بيٺو. هن چيو ته يو ايس اسٽيٽ ڊ??ار??مينٽ، ايمنسٽي انٽرنيشنل، هيومن رائيٽس واچ، ڪميٽي ٽو پروٽيڪٽ جرنلسٽس، رپورٽرز ود آئوٽ بارڊر جهڙن عالمي ادارن پنهنجي رپورٽس ۾ ڀارت کي نام نهاد اڪثريتي رياست ظاهر ڪيو آهي. هن چيو ته ڀارت ۾ اڪثريت جي نالي تي ننڍڙي اقليت جو هڪ پرتشدد راڄ نافذ آهي. ڀارت جو اهو رويو تمام پراڻو آهي ۽ وقت گذرڻ سان گڏوگڏ اهو وڌيڪ سخت ٿيندو پيو وڃي. هن چيو ته ڪا پرتشدد رياست وڌيڪ دير تائين قائم نٿي رهي سگهي، هڪ وقت ضرور ايندو جڏهن ا?? کي پرتشدد ڪارروايون ختم ڪرڻيون پونديون. هن چيو ته پاڪستان انساني حقن خاص طور تي ڪشمير جي حوالي سان پنهنجي موقف تي قائم آهي ۽ ڪشميري عوام جي انساني حقن، خودمختياري جي حق ۽ انهن جي سفارتي ۽ سياسي مدد گذريل 75 سالن کان جاري رکي آهي ۽ والاريل ڪشمير جي آزادي تائين جاري رکندو. هن چيو ته پاڪستان جيترو مضبوط ٿيندو ايترو ئي ڀارت جي اندر مظلومن جو آواز مضبوط ٿيندو تنهن ڪري پاڪستان جو معاشي ۽ سياسي استحڪام حقيقت ۾ هڪ ضمانت آهي، مظلوم ڪشميري عوام جي مدد جي ل??ءِ پاڪستا?? کي پنهنجو اهو ڪردار جاري رکڻو پوندو. هن چيو ته اسان جي ميڊيا اصل حقيقتون ۽ انگ اکر دنيا آڏو پيش ڪري رهي آهي، اسا?? کي ڀارتي رياست وانگر سينسرشپ ڪرڻ جي ضرورت نه آهي. هن چيو ته ڀارت اسان جي ڪيترن ئي سوشل ميڊيا اڪائونٽس تي پابندي هڻي رکي آهي جن ۾ ريڊيو پاڪستان به شامل آهي. هن چيو ته ڀارتي رياست انهن عالمي سوشل ميڊيا پليٽ فارمز تي دٻاءُ وجهي حقيقت?? کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. فلسطيني عوام جو ذڪر ڪندي اطلاعات ۽ ??ار??ياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته فلسطيني عوام تي ظلمن جي باوجود اڄ به فلسطين جي آزادي جي روح کي شڪست نه ڏئي سگهجي، فلسطينين جي حمايت ۾ پوري دنيا مان آواز بلند ٿيو آهي. هن چيو ته جهڙي طرح ڀارت جي اندر مظلومن خاص طور تي ڪشميرين جو آواز بلند ڪيو پيو وڃي، اهڙي طرح فلسطينين جي حقن جي ل??ءِ پڻ آواز مضبوط ٿيو آهي ۽ اهو ضرور رنگ لائيندو.
پاڪستان جو وجود سمورين اقليتن جي حقن جو ضامن آهي: مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : کلیوپیٹرا