اسلام آباد – 11 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اي ايف يو لائيف انشورنس لميٽيڊ کي هدايت ڪئي آهي ت?? اها هڪ غريب عورت کي منافعي سان گڏ هڪ لک رپيا 30 ڏينهن جي اندر واپس ڪري جنهن کي انشورنس پاليسي حاصل ڪرڻ جي لاءِ گمراهه ڪيو ويو هو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر چيو ته انشورنس آرڊيننس 2000ع تحت محتسب کي انشورنس پاليسي هولڊرز جي مفادن جو تحفظ ڪرڻو آهي. ڪمپني پاران جمع ڪيل رقم ئي واپس نه ڪرڻ آرڊيننس جي ر??ح جي سراسر خلاف ورزي آهي. تفصيل موجب شڪايت ڪندڙ زبيده بيگم ”ڪميٽي“ وجهي هڪ لک رپيا حاصل ڪيا هئا ۽ هُن پنهنجي ر??م پنهنجي بئنڪ اڪائونٽ ۾ جمع ڪرائڻ ٿي چاهي، عورت کي غلط طور تي 1 لک ساليانو پريميم جي انشورنس پاليسي جاري ڪئي وئي. عورت جي ر??م واپسي جي مطالبي ت?? ڪمپني رڳو 40 هزار واپس ڪرڻ جي رضامندي ظاهر ڪئي، نا??نص??في ت?? عورت وفاقي انشورنس محتسب سان رابطو ڪيو پر شڪايت حل نه ٿي. بعد ۾ عورت محتسب جي فيصلي جي خلاف صدر کي درخواست ڪئي. صدر ذاتي طور تي ڪيس ٻڌڻ ۽ رڪارڊ ڏسڻ کانپوءِ متاثره عورت جي حق ۾ فيصلو ڏنو. صدر پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته عورت گهٽ ۾ گهٽ اصل رقم جي واپسي جي حقدار آهي ۽ اهو ته عورت جي دعويٰ منصفاڻي آهي. صدر چيو ته هڪ غريب عورت کي غلط طور تي پاليسي وڪرو ??ئي وئي، عورت ڪڏهن به پاليسي خريد ڪرڻ جي چونڊ ئي نه ڪئي. صدر اي ايف يو لائيف انشورنس کي عورت کي ر??م واپس ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته عورت کي بئنڪ ۾ دوکبيازي سان انشورنس پاليسي وڪرو ??ئي وئي، انشورنس ڪمپني عورت کي هڪ لک رپيا منافعي سان گڏ ادا ڪري. هن چيو ته ڪمپني 2020ع کان عورت جا هڪ لک رپيا رکيا آهن، ڪمپني عورت جي ر??م جي سيڙپڪاري ڪري ڪافي منافعو پڻ ڪمايو هوندو. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته عورت کي ان جي ر??م تي حاصل ٿيل منافعي جي حصي کان محروم ڪرڻ نا??نص??في هوندي، ڪمپني پاران جمع ڪيل پريميم جي ر??م جي واپسي کان انڪار بدانتظامي آهي. صدر چيو ته محتسب ڪمپني کي رڳو 40 هزار رپيا واپس ڪرڻ جي هدايت ڪئي، انشورنس محتسب ان حقيقت جو ادراڪ نه ڪيو ته ڪمپني کي اڃا 60 هزار رپيا ادا ڪرڻا آهن. هن چيو ته انشورنس آرڊيننس 2000ع تحت محتسب کي انشورنس پاليسي هولڊرز جي مفادن جو تحفظ ڪرڻو آهي، ڪمپني پاران جمع ڪيل رقم ئي واپس نه ڪرڻ آرڊيننس جي ر??ح جي سراسر خلاف ورزي آهي، انشورنس محتسب آرڊيننس جي ر??ح تي عملدرآمد ڪرڻ۾ ناڪام رهيو. صدر چيو ته ڪو به شخص ٻين جي ڏڍ تي پاڻ کي غيرمنصفاڻي طور تي امير نٿو ڪري سگهي، عورت کي ان جي ر??م تي حاصل ٿيل منافعي جي حصي کان محروم ڪرڻ نا??نص??في هوندي. صدر پنهنجي فيصلي ۾ هدايت ڪئي ت?? زبيده بيگم کي 30 ڏينهن جي اندر منافعي سان گڏ هڪ لک رپيا واپس ڪيا وڃن.
صدر پاران اي ايف يو لائيف انشورنس لميٽيڊ کي غريب عورت کي منافعي سان گڏ هڪ لک رپيا 30 ڏينهن جي اندر واپس ڪرڻ هدايت
مضمون کا ماخذ : کوئٹہ لاٹری