اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پ?? پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ سي پ??ڪ کي پاڪستان جي معاشي ترقي جي فروغ جي لاءِ اهم سنگ ميل قرار ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ سي پ??ڪ جي صورت ۾ ويجهي ۽ پائيدار حصيداري خطي جي وسيع تر مفاد ۾ آ??ي، پاڪستان کي سيڙپڪار دوست ملڪ بڻائڻ وزيراعظم محمد شهباز شريف جو ويزن آهي. اها ڳالهه هن ملاقات لاءِ آيل پاڪستان ۾ مقرر عوامي جمهوريه چين جي سفير جيانگ زي ڊونگ سان ڳالهائيندي ڪئي. چيني سفير عطاءُ الله تارڙ کي اطلاعات واري وزارت جو قلمدان سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. ملاقات ۾ سي پ??ڪ، پاڪ چين اسٽريٽجڪ لاڳاپن، ميڊيا ۽ فلم جي شعبي ۾ جاري تعاون ۽ سي پ??ڪ بابت جعلي خبرن جي روڪٿام جي لاءِ چين پاڪستان انفارميشن ڪوريڊور جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ٿي. اطلاعات واري وفاقي وزير سي پ??ڪ جي حوالي سان جعلي خبرن جي خاتمي جي لاءِ حڪومت سان حڪومت ۽ ميڊيا سان ميڊيا جي سطح تي مڪينزم جوڙڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ان موقعي تي ڳالهائيندي عطاءُ الله تارڙ چيو ته پاڪستان چين سان پنهنجي لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، ٻئي ملڪ دوستي جي لازوال رشتي ۾ ٻڌل آهن. هن چيو ته 1998ع ۾ منهنجي ڏاڏي رفيق تارڙ بطور صدر چين جي وزيراعظم جي پاڪستان جي دوري ??ي ان جو استقبال ڪيو، پاڪ چين دوس??ي اسان نسل در نسل ڏٺي آ??ي، اسان کي پ??هنجي نئين نسل کي پ??هنجي تاريخي ۽ مضبوط دوستي بابت آگاهه ڪرڻو پوندو. اسان کي نئين نسل کي ٻڌائڻو پوندو ته ڪهڙي طرح چين ۽ پاڪستان مشڪل وقت ۾ هڪ ٻئي جو ساٿ ڏنو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته چين شنگهائي تعاون تنظيم ۽ گ??يل قومن سميت هر عالمي فورم تي پاڪستان جي حمايت ڪئي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سي پ??ڪ جي صورت ۾ ويجهي ۽ پائيدار حصيداري خطي جي وسيع تر مفاد ۾ آهي. هن چيو ته سي پ??ڪ پاڪستان جي معاشي ترقي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ هڪ اهم سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته چين پاڪستان اقتصادي لنگهه علائقائي رابطن جو هڪ اهڙو فريم ورڪ آهي جنهن سان نه رڳو چين ۽ پاڪستان کي فائدو ٿيندو پر ايران، افغانستان، ڀارت، وچ ايشيائي جمهوريه ۽ خطي ??ي ان جا مثبت اثر پوندا. هن چيو ته چين پاڪستان انفارميشن ڪوريڊور سي پ??ڪ بابت جعلي خبرن جي روڪٿام طرف هڪ اهم اسٽريٽجڪ قدم هوندو، ان جو مقصد ڊيجيٽل ڪنيڪٽيوٽي ۽ معلومات جي مٽاسٽا جي طاقت کي استعمال ۾ آڻڻ آ??ي، اطلاعات واري وزارت ان حوالي سان پنهنجو ڪم جاري رکندي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان کي سيڙپڪار دوست ملڪ بڻائڻ وزيراعظم شهباز شريف جو ويزن آهي. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ فلم ۽ ثقافت جي شعبي ۾ تعاون کي سگهه ڏيڻ ??ي اتفاق ٿيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته چين وانگر پاڪستان به هڪ قديم تهذيب آهي جنهن جي تاريخ 7 هزار سال پراڻي آ??ي، پاڪستان جي واديءَ سنڌ مان ڪيتريون ئي روحاني ۽ ثقافتي تحريڪون اڀريون جن ايشيائي ثقافت جي شڪل اختيار ڪئي. پاڪستان جي قديم گنڌارا تهذيب ٻڌمت کي چين سميت اوڀر ايشيا جي وڏي حصي ۾ متعارف ڪرايو. هن چيو ته پاڪستان ۽ چين گذريل سال پيلس ميوزيم ۾ گنڌارا ٻڌسٽ نمائش جو گ??يل طور ??ي اهتمام پڻ ڪيو. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ ايس ڊي جيز جي ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ جي حوالي سان پڻ خيالن جي ڏي وٺ ٿي. وفاقي وزير چيو ته رومينه خورشيد عالم ايس ڊي جيز پروجيڪٽ جي حوالي سان چين سان ويجهو رابطو رکيو آهي. ملاقات ۾ پاڪستان جي قومي خابرو اداري ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان ۽ چين جي چائنا ميڊيا گروپ (سي ايم جي) جي وچ ۾ ٽئين بيلٽ اينڊ روڊ فورم جي لاءِ ايم او يو جي حوالي سان پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. ان موقعي تي ٻڌايو ويو ته ٻنهي ملڪن جي حڪومتن جي وچ ۾ فلم پروڊڪشن جو معاهدو پڻ عمل هيٺ آ??ي، اي پ?? پي ۽ شنهوا ايجنسي جي وچ ۾ مفاهمت جي ياداشت تي ڪم جاري آهي. ملاقات ۾ سي جي ٽي اين ۽ پي ٽي وي جي وچ ۾ سفري دستاويز جي گ??يل پروڊڪشن جي لاءِ تعاون تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. چين جي سفير پاڪ چين دوستي کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو.
سي پيڪ پاڪستان جي معاشي ترقي جي فروغ جي لاءِ اهم سنگ ميل آهي، پاڪستان کي سيڙپڪار دوست ملڪ بڻائڻ وزيراعظم جو ويزن آهي: وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ
مضمون کا ماخذ : لاٹری نمبر کا انتخاب