اسلام آباد – 22 – مئي (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پاڪستان ۾ چ??نڊ عمل کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ عالمي ادارن جي تعاون کي ساراهيندي چيو آهي ته سوشل ميڊيا جي عروج سياسي مصروفيتن کي نئين شڪل ڏ??ي آهي، موجوده ڊيجيٽل دور ۾ جتي ڊيجيٽل تي ٻڌل حڪمت عملين جي راهه هموار ٿي آهي اتي فيڪ نيوز، مس انفارميشن ۽ ڊس انفارميشن جا چئلينجز پڻ درپيش آهن. اها ڳالهه هن گڏيل قومن جي چ??نڊ ضرورتن جي جائزه مشن سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. ملاقات ۾ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان، يو اين ڊي پي، اليڪشن سپورٽ پروگرام جي ذريعي ٽيڪنيڪي معاونت جي فراهمي، فيڪ نيوز، مس انفارميشن، ڊس انفارميشن سميت ٻين اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. اطلاعات واري وفاقي وزير گڏيل قومن جي جائزه مشن پاران پاڪستان ۾ چونڊن جي شفافيت جي لاءِ خدمتن کي ساراهيو. هن چيو ته پاڪستان ۾ چ??نڊ عمل کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ عالمي ادارن جو تعاون ساراهه جوڳو آهي. هن چيو ته موجوده ڊيجيٽل دور ۾ پاڪستان ۾ چ??نڊ مهم ۾ تبديلي آئي آهي. سوشل ميڊيا جي عروج سياسي مصروفيتن کي نئين شڪل ڏ??ي آهي، موجوده ڊيجيٽل دور ۾ جتي ڊيجيٽل تي ٻڌل حڪمت عملين جي راهه هموار ٿي رهي آهي اتي فيڪ نيوز، مس انفارميشن ۽ ڊس انفارميشن جا چئلينجز پڻ درپيش آهن. هن چيو ته فيڪ نيوز، مس انفارميشن ۽ ڊس انفارميشن سڄي دنيا جا مسئلا آهن. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان موجوده دور جي گهرجن موجب ڊيجيٽل محاذ تي ڪم ڪري رهيو آهي. هن گڏيل قومن جي چ??نڊ ضرورتن جي جائزه مشن کي پنهنجي چ??نڊ تڪ بابت به آگاهه ڪيو. وفاقي وزير چيو ته چ??نڊ عمل ۾ ووٽرن کي آگاهي فراهم ڪرڻ انتهائي ضروري آهي. منهنجي چ??نڊ تڪ ۾ مسيحي برادري جا 70 هزار کان وڌيڪ ماڻهو ??امل آهن. هن چيو ته منهنجي چ??نڊ تڪ ۾ هر ماڻهو کي متحرڪ ڪيو ۽ انهن کي هر شعبي بابت آگاهي فراهم ڪئي. گڏيل قومن جي چ??نڊ ضرورتن جي جائزه مشن پاڪستان حڪومت جي چ??نڊ عمل جي ساک کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ قدمن کي ساراهيو. وفد ۾ پوليٽيڪل افيئرز آفيسر هيسام منڪارا، اديتيه آڌيڪاري، يو اين ڊي پي ريجنل ايڊوائيزر ناجيه هاشمي، چيف ٽيڪنيڪل ايڊوائيزر يو اين ڊي پي ايس اي ايل پي ميري ڪيومنز، پروگرام ايڊوائيزر ايس اي ايل پي يو اين ڊي پي محمد قاسم جنجوعه شامل هئا.
سوشل ميڊيا جي عروج سياسي مصروفيتن کي نئين شڪل ڏني آهي: عطاءُ الله تار
مضمون کا ماخذ : سانتا کی جنگلی سواری۔