اسلام آباد – 17 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ شنگهائي تعاون تنظيم جي ڪامياب انعقاد ۾ ڪوششن تي اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي آفيسرن ۽ پوري ٽيم کي مبارڪباد ڏني آهي. سماجي رابطي جي پليٽ ??ارم ”ايڪس“ تي پنهنجي هڪ پوسٽ ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته انفارميشن گروپ جي آفيسرن تي فخر آهي. اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري عنبرين جان ۽ پرنسپل انفارميشن آفيسر مبشر ح??ن پرائيم منسٽر آفيس جي ٽيم سان گڏجي ايس سي او ڪانفرنس جي ڪاميابي سان انعقاد جي لاءِ حيرت ان??يز ڪم ڪيو. هن چيو ته انشاءَ الله اسان گڏجي تاريخ لکنداسين. ايس سي او ڪانفرنس جي لاءِ توهان جي ڪوششن کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو.
مضمون کا ماخذ : میگا سینا پریمیو