اسلام آباد-07 نومبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان ۽ جاپان وچ ۾ ويجها دوستاڻا لاڳاپا آهن، ٻنهي ??لڪ?? وچ ۾ واپار، ثقافت، تعليم ۽ عوامي رابطن کي هٿي ڏيڻ جي ذريعي پنهنجي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ وسيع موقعا ۽ سگهه موجود آ??ي. ??ن اها ڳالهه ڪالهه هتي جاپان جي عهدو ڇڏيندڙ سفير متسو هيرا وادا سان ملاقات ۾ چئي. ملاقات دوران ٻنهي ??لڪ?? وچ ۾ پراڻي ٻطرفي تعاون، علائقائي ۽ عالمي معاملن تي هڪجهڙي موقف تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. عهدو ڇڏيندڙ سفير متسو هيرا وادا جنهن پاڪستان ۾ پنهنجي ٽن سالن جي مدت پوري ڪري ورتي، پاڪستان ۽ جاپان وچ ۾ 1952ع ۾ قائم ٿيل سفارتي لاڳاپن کانپوءِ اقتصادي ۽ سفارتي لاڳاپن ۾ مستحڪم اڳڀرائي تي روشني وڌي. هن ٻطرفن لاڳاپن ۾ مثبت رجحانن جو به حوالو ڏنو ۽ چيو ته جاپان واپار ۽ ڪاروبار کي هٿي ڏيڻ، ثقافت، راندين، نوجوانن ۽ تعليمي مٽاسٽا ۾ واڌ ذريعي پاڪستان سان تعاون ?? پرعزم آ??ي. ??ن صحت، تعليم، ماحوليات، پاڻي ۽ حڪمراني جي طرز جهڙن گڏيل ترجيحي شعبن ۾ جاپان جي پاڪستان جي حم??يت جي عزم کي پڻ ورجايو. ناڻي واري وزير پاڪستان ۽ جاپان وچ ۾ پراڻن ۽ ٻطرفن لاڳاپن کي ساراهيو ۽ پاڪستان لاءِ جاپان جي ترقياتي ۽ اقتصادي امداد جي اهميت تي روشني وڌي. ناڻي واري وزير پاڪستاني معيشت کي درپيش چئلينجن کي منهن ڏيڻ ۽ ان کي مضبوط بڻائڻ ۾ جاپان جي اهم ڪردار جي واکاڻ ڪئي ۽ چيو ته ٻنهي ??لڪ?? وچ ۾ واپار، ثقافت، تعليم ۽ عوامي رابطن کي هٿي ڏيڻ ذريعي پنهنجي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جا وسيع موقعا ۽ صلاحيت موجود آ??ي. ??اڻي واري وزير جاپاني سفير کي ??لڪ?? معيشت جي صورتحال ۽ مختلف معاشي اهڃاڻن ۾ نمايان بهتري کان آگاهه ڪيو. هن چيو ته حڪومت پنهنجي سڌارن واري ايجنڊا کي پائيدار بنيادن تي اڳتي وڌائڻ لاءِ پرعزم آهي. اقتصادي استحڪام جي تسلسل کي برقرار رکڻ لاءِ ان رستي تي مستقل مزاجي سان هلڻ ضروري آهي، هن چيو ته پائيدار اقتصادي ترقي لاءِ قدمن جي نتيجن ۾ معيشت مستحڪم ٿي وئي آهي.
پاڪ جاپان گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ وسيع موقعا ۽ گنجائش موجود آهي: وفاقي وزير محمد اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : گرم گرم