اسلام آباد – 08 – نومبر (اي پي پي) ??اڪ??تان ۽ ابوظهبي پورٽس ڪمپني جي وچ ۾ ڪالهه جمعي ڏينهن ريلوي، ڪسٽمز، ايئرپورٽ انفراسٽرڪچر ۽ سامونڊي معاملا شپنگ سميت مختلف شعبن ۾ ??ڏي?? تعاون جي لاءِ مف??همت جي 4 يادداشتن تي صحيحون ڪيون ويون. وزيراعظم هائوس ۾ مف??همتي يادداشتن تي صحيحن جي لاءِ پروقار تقريب ٿي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ايم او يوز تي صحيحن واري تقريب ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڊپٽي وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، دفاع ۽ هوابازي وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، واپار وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، سامونڊي معاملن وارو وفاقي وزير قيصر احمد شيخ، وزيراعظم جو خاص معاون طارق فاطمي جڏهن ته ??ڏي?? عرب امارات جو پرڏيهي ۽ واپار وارو مملڪتي وزير ڊاڪٽر ثاني بن احمد الزويدي، ڪاهلي گروپ جو چيئرمين احمد دلموڪ المڪتوم، مئنيجنگ ڊائريڪٽر ۽ گروپ چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ابوظهبي پورٽس گروپ ڪيپٽن محمد الشميسي، ??اڪ??تان ۾ ??ڏي?? عرب امارات جو سفير عبيد ابراهيم سالم الزابي ۽ ابوظهبي پورٽس جا سينيئر عملدار پڻ موجود هئا. ڪوهاٽ – ٿر – کرلاچي ريلوي لائين جي تعمير جي لاءِ ??اڪ??تان ريلويز ۽ ابوظهبي پورٽس ڪمپني جي وچ ۾ مف??همتي يادداشتن تي صحيحون ڪيون ويون جنهن تي ??اڪ??تان پاران ??اڪ??تان ريلويز جي سي اي او عامر علي بلوچ جڏهن ته مئنيجنگ ڊائريڪٽر ۽ گروپ چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ابوظهبي پورٽس گروپ ڪيپٽن محمد الشميسي صحيحون ڪيون. ??اڪ??تان ڪسٽمز جي اوڳاڙين ۾ اضافي، ٽرانزٽ ڪارگو جي ٽريڪنگ ۽ ٻين سڌارن جي لاءِ ايف بي آر ۽ ابوظهبي پورٽس ڪمپني جي وچ ۾ مف??همتي يادداشت تي ??اڪ??تان پاران ميمبر ڪسٽمز اينڊ آپريشنز محمد جنيد جليل خان جڏهن ته ابوظهبي پورٽس گروپ پاران ڪيپٽن محمد الشميسي صحيحون ڪيون. شپنگ، ڊريجنگ ۽ ٻين سامونڊي معاملن ۾ تعاون تي ??اڪ??تان نيشنل شپنگ ڪارپوريشن ڪراچي پورٽ ٽرسٽ ۽ ابوظهبي پورٽس ڪمپني جي وچ ۾ مف??همتي يادداشت تي ??اڪ??تان پاران ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ??اڪ??تان نيشنل شپنگ ڪارپوريشن خرم مرزا جڏهن ته ابوظهبي پورٽس ڪمپني پاران ڪيپٽن محمد الشميسي صحيحون ڪيون. ??اڪ??تان ۾ ايئرپورٽس جي تعمير ۽ توسيع جي لاءِ ??اڪ??تان ايئرپورٽس اٿارٽي ۽ ابوظهبي پورٽس ڪمپني جي وچ ۾ مف??همتي يادداشت ??اڪ??تان پاران ڊپٽي ڊائريڪٽر جنرل ??اڪ??تان ايئرپورٽ اٿارٽي صادق الرحمان جڏهن ته ابوظهبي پورٽس ڪمپني پاران ڪيپٽن محمد الشميسي صحيحون ڪيون. بعد ۾ ??اڪ??تان ۽ ابوظهبي ڪمپني جي وچ ۾ طئي ٿيندڙ مف??همت جي يادداشتن جي ڏي وٺ پڻ ڪئي وئي.
پاڪستان ۽ ابوظهبي پورٽس ڪمپني جي وچ ۾ ريلوي، ڪسٽمز، ايئرپورٽ انفراسٽرڪچر ۽ سامونڊي معاملا شپنگ سميت مختلف شعبن ۾ گڏيل تعاون جي لاءِ مفاهمت جي 4 يادداشتن تي صحيحون
مضمون کا ماخذ : منی ٹرین 2