اسلام آباد – 13 نومبر (اي پي پي) قومي غذائي تحفظ واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چيو آهي، ته پاڪستان ۾ زيتون جي پوکائي لاءِ سازگار ماحول موجود آهي، حڪومت ملڪي گهرج پوري ڪرڻ ۽ قيمتي مٽاسٽا وارو ناڻو حاصل ڪرڻ لاءِ زيتون جي پيداوار تي ڌيان ڏئي رهي آهي. انهن خيالن جو اطهار هن البرڪه پاڪستان اوليو سمٽ 2024ع ۾ خصوصي مهمان طور خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ڪنهن به شعبي جي واڌ ويجهه لاءِ تحقيق وڏي اهميت ر??ي ٿي، زرعي شعبي جي ترقي لاءِ ملڪ ۾ زرعي تحقيق جي شعبي کي اهم ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪستان عالمي منڊي ۾ زيتون جي م??ياري مصنوعات جو روانگي واپار ڪرڻ جي صلاحيت ر??ي ٿو. ان موقعي تي البرڪه پاڪستان اوليو سمٽ 2024ع پاڪستان جي زيتون جي صنعت کي اڳيان وڌائڻ لاءِ اهم قومي ۽ عالمي م??هرن، پاليسيون ٺاهيندڙن ۽ صنعت جي رهنمائن کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪيو. سمٽ ۾ زيتون جي شعبي جي هڪ محفوظ ??ائيدار ۽ روانگي واپار لاءِ تيار سپلاءِ چين جي ترقي جي موضوع تي زيتون جي عالمي م??رڪيٽن ۾ پاڪستان کي هڪ اهم رانديگر طور به اڀرڻ وارين صلاحيتن تي به زور ڀريو ويو.
پاڪستان ۾ زيتون جي پوک لاءِ سازگار ماحول موجود آهي: وفاقي وزير راڻا تنوير حسين
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے عمومی نمبر