اسلام آباد – 19 ڊسمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق جي صدارت هيٺ 18 ه??ن اسپيڪرز ڪانفرنس منعقد ٿي جنهن ۾ چئني صوبن ۽ آزاد ڄمون ڪشمير ۽ گلگت بلتستان قانون ساز اسيمبلين جي اسپيڪرن ڀرپور انداز ۾ شرڪت ڪئي، 10 سالن کانپوءِ ڪانفرنس منعقد ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ تي صوبائي اسيمبلين جي اسپيڪرن، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق کي زبردست خراج پيش ڪيو.
قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ طرفان ٺاهيل دستاويزي فلم مطابق اسپيڪرز ڪانفرنس جي شروعات 1921ع ۾ ٿي جڏهن ننڍي کنڊ پاڪ ۽ هند تي برطانوي راڄ تحت اولهه جي جمهوريت خاص طور تي ويسٽ منسٽرز جي حڪومتي طرز سان روشناس ڪرايو ويو، ان اهم فورم کي ننڍي کنڊ پاڪ ۽ هند جي پارلياماني تاريخ ?? اهميت حاصل آهي. پاڪستان ۾ آئين سازي ۾ دير، ون يونٽ قائم ٿيڻ ۽ جمهوريت ختم ٿيڻ سبب اهم پارلياماني فورم سرد خاني ۾ هليو ويو. 1973ع ۾ متفقه آئين جي منظوري وفاقي پارلياماني جمهوريت جي راهه هموار ڪئي ته اسپيڪرز ڪانفرنس کي نئين سر فعال ڪيو ويو. پاڪستان ۾ پهر??ن اسپيڪرز ڪانفرنس 1972ع ۾ ڪ??اچي ۾ منعقد ٿي جنهن جي صدارت ٽئين آئيني اسيمبلي جي اسپيڪر فضل الاهي چوڌري ڪئي، 1973ع، 1975ع، 1976ع ۾ ترتيبوار ڪراچي، ڪوئيٽا ۽ سوات ۾ اسپيڪرز ڪانفرنسز ان وقت جي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر صاحبزاده فاروق علي جي سربراهي ۾ منعقد ٿيون، ستين ۽ اٺ??ن اسپيڪرز ڪانفرنسز 1985ع ۽ 1986ع ۾ اسلام آباد ۾ ان وقت جي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سيد فخر امام جي سربراهي ۾ منعقد ٿي، نائ??ن اسپيڪرز ڪانفرنس 1987ع ۾ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر حامد ناصر چٺه جي سربراهي ۾ ڪوئيٽا ۾ منعقد ٿي. قومي اسميبلي جي اسپيڪر ملڪ معراج خالد کي 10 هين ۽ 11 هين ڪانفرنس جيڪا 1989ع ۽ 1990ع ۾ ڪ??اچي ۽ لاهور ۾ ٿيون، جي سربراهي ڪرڻ جو اعزاز حاصل ٿيو، پوءِ ٽن سالن بعد قومي اسيمبلي جي اسپيڪر گوهر ايوب خان جي سربراهي ۾ 1993ع ۾ 12 ه??ن اسپيڪرز ڪانفرن?? پشاور ۾ منعقد ٿي جڏهن ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر الاهي بخش سومرو 1998ع ۾ مظفر آباد ۾ 13 ه??ن اسپيڪرز ڪانفرنس جي سربراهي ڪئي. پنجن سالن جي وقفي کانپوءِ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چوڌري امير حسين جي سربراهي ۾ 2004ع ۾ 14هين ۽ 2006ع ۾ 15ه??ن اسپيڪرز ڪانفرنس منعقد ٿي ۽ 16 ه??ن اسپيڪرز ڪانفرنس 2010ع ۾ اسپيڪر ڊاڪٽر فهميده مرزا جي سربراهي ۾ لاهور ۾ منعقد ٿي، 17 ه??ن اسپيڪرز ڪانفرنس قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق جي سربراهي ۾ 2014ع ۾ اسلام آباد ۾ منعقد ٿي، هاڻي 10 سالن کانپوءِ سندس صدارت هيٺ 18 ه??ن اسپيڪرز ڪانفرنس منعقد ٿي رهي آهي.