اسلام آباد – 26 – ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته پاڪستان هن سال گڏيل دلچسپي جي ٻطرفي، علائقائي ۽ عالمي م??ئلن تي يورپ ۾ پنهنجي حصيدارن سان تعاون ۽ ڳالهه ٻولهه جاري رکي، اسان جو ڌيان اقتصادي تعاون کي وڌائڻ، موسمياتي تبديلين جو مقابلو ڪرڻ جي ل??ءِ تعاون ڪرڻ ۽ اعليٰ تعليم ۽ روزگار جا موقعا ڳولڻ تي م??ڪوز رهيو. پريس بريفنگ ۾ هن چيو ته ڪيترن ئي يورپي ملڪن سان ليبر مائيگريشن، پائيدار بنيادي ڍانچي جي منصوبن، سول ايوي ايشن ۾ فني تعاون ۽ گرين پارٽنرشپ کي فروغ ڏيڻ تي اهم مفاهمتون طئي ٿيون. ترجمان چيو ته يورپي يونين پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائينز (پي آءِ اي) تي هنيل چار سالن جي پابندي ختم ڪري ڇڏي آهي جنهن کانپوءِ پي آءِ اي جي يورپ جون لاءِ اڏامون بحال ٿي وي??ن آهن. هن چيو ته پاڪستان وسيع تر خطي ۾ پڻ اڏامن جي بحالي جي ل??ءِ غيريورپي يونين جي ملڪن سان مصروف عمل آهي.
پاڪستان هن سال گڏيل دلچسپي جي ٻطرفي، علائقائي ۽ عالمي مسئلن تي يورپ ۾ پنهنجي حصيدارن سان تعاون ۽ ڳالهه ٻولهه جاري رکي: پرڏيهي آفيس
مضمون کا ماخذ : loteria do Paraná