اسلام آباد- 11 جنوري (اي پي پي) مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وفاقي وز??ر چوڌري سالڪ حسين سان مصر جي مفتي اعظم ڊاڪٽر نظير محمد عياد جي اڳواڻي ۾ هڪ اعليٰ سطحي وفد ملاقات ڪئي ۽ انتهاپسندي، شدت پسندي جي خاتمي، بين المذاهب هم آهنگي کي هٿي وٺر??ئڻ لاءِ تعاون وڌ??ئڻ تي اتفاق ڪيو، مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگ واري وزارت مان جاري بيان موجب ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن دنيا ۾ مذهبي ??دم برداشت جي وڌندڙ رجحان، دهشتگردي، امن جي قيام ۽ بين المذاهب هم آهنگي کي هٿي وٺر??ئڻ جي حوالي سان مختلف تجويزن تي خيالن جي ??ي وٺ ڪئي. وفاقي وز??ر چوڌري سالڪ حسين چيو ته پاڪستان ۽ مصر تاريخي، مذهبي ۽ ثقافتي رشتن ۾ ڳنڍيل آهن جيڪي ڪيترن ئي ڏهاڪن تي ٻڌل آهن. هن زور ڀريو ته مسلم ملڪن کي درپيش چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ مذهبي هم آهنگي، رواداري ۽ وحدت کي هٿي ڏني وڃي. وفاقي وز??ر چيو ته دنيا ۾ امن جي قيام لاءِ مذهبن ۽ تهذيبن وچ ۾ ڳالهين جي سخت ضرورت آهي. پاڪستان ۽ مصر کي بين المذاهب ۽ بين الثقافتي ڳالهين ذريعي دنيا ۾ مذهبي هم آهنگي، امن ۽ برداشت کي هٿي ڏيڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي، ملاقات ۾ پاڪستان ۽ مصر سان اقتصادي، واپاري، ثقافتي لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ تي اتفاق ڪيو ويو. مصر جي مفتي اعظم چيو ته مسلمان امت کي دهشتگردي جا خطرا درپيش آ??ن جنهن جي ازالي لاءِ گڏيل لائحه عمل تيار ڪرڻ جي ضرورت آهي، مصري مفتي اعظم چيو ته پاڪستان پنهنجي عالمن کي مصر موڪلي ته جيئن اهي دنيا جي قديم ترين درس گاهه جامعه الازهر جي تجربن ۽ تعليم مان فائدو حاصل ڪري سگهن. هن چيو ته موجوده دور جي علم کي هٿي وٺر??ئڻ لاءِ جامعه الازهر جو پاڪستان ۾ ڪيمپس کولڻ جو فيصلو ڪيو آهي، وفاقي وز??ر چوڌري سالڪ حسين جامعه الازهر جي پاڪستان ۾ ڪيمپس کولڻ جي فيصلي جي آجيان ڪئي، ملاقات ۾ انتهاپسندي، شدت پسندي جي خاتمي ۽ بين المذاهب هم آهنگي کي هٿي وٺر??ئڻ لاءِ تعاون وڌ??ئڻ تي اتفاق ڪيو ويو.
مذهبي معاملن واري وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين سان مصر جي مفتي اعظم ڊاڪٽر نظير محمد عياد جي ملاقات، پاڪستان ۾ جامعه الازهر جو ڪيمپس قائم ڪرڻ جي فيصلي جي آجيان
مضمون کا ماخذ : sorteos dupla sena