گڏيل قومون-20 نومبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي سربراهه انتونيو گوتريس هڪ ڀيرو ٻيهر غزه ۾ جنگبنديءَ جو مطالبو ڪي?? آهي، جڏهن ته عالمي صحت واري اداري 4 ڏينهن کان اسرائيلي ڏاڍ جو نشانو بڻجندڙ غزه جي الشفا اسپتال کي ڊيٿ روم قرار ڏئ?? ڇڏي?? آهي. گڏيل قومن جي ٻين ادارن جي عهديدارن به سيڪريٽري جنرل جي ان اپيل جي حمايت ڪئي آهي، جنهن ۾ غزه جا 23 ??ک رهواسي خاص طور تي اسرائيلي فوجي ڪاررواين سبب بي گهر ٿيل 17 لک فلسطينين لاءِ حالتن کي بهتر بنائڻ جو چيو وي?? آهي. سيڪريٽر جنرل طرفان جاري بيان ۾ چيو وي?? آهي ته هن جنگ ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت عام شهرين جي فوت ٿيڻ جي تعداد حيران ڪُن ۽ ناقابل قبول آهي. ان فوجي ڪاررواين کي فوري طور تي روڪڻ گهرجي. مان هڪ ڀيرو ٻيهر انساني همدرديءَ جي بنياد تي غزه ۾ جنگبنديءَ جي اپيل ڪريان ٿو. گڏيل قومن جي انساني حقن بابت هاءِ ڪمشنر وولڪر ترڪ هڪ بيان ۾ چي?? آهي ته غزه ۾ گذريل 48 ڪلاڪن دوران ٿيندڙ واقعن پريشان ڪر?? ڇڏي?? آهي. هن وڌيڪ چيو ته غزه ۾ اسڪولن ۾ پناهه وٺندڙ هزارين شهرين جو قتل الشفا اسپتال ۾ پناهه وٺندڙ هزارين شهرين جون جانيون بچائڻ لاءِ ڀڄڻ، لکين ماڻهن کي بي گهر ڪر?? ڇڏڻ، سمورن بين الاقوامي قانونن جي وڏي پيماني تي خلاف ورزي ۽ جنگي ڏوهن جي زمري ۾ اچن ٿا.
گڏيل قومن جي سربراهه جو هڪ ڀيرو ٻيهر غزاه ۾ جنگبنديءَ جو مطالبو
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری ٹکٹ