بيرو??-07 ??ڪٽوبر (اي پي پي) گڏ??ل قومن چيو آھي ته اسرائيل جا لبنان تي حملا عالمي قانون جي ڀڃڪڙي آھن، انهن حملن ۽ بمباري ??بب آبادين کي نشاڻو بڻايو پيو وڃي. پرڏيھي خابرو اداري جي رپورٽ مطابق گڏ??ل قومن جي پناھگرين واري شعبي جي سربراه فليپو گرينڊي بيروت ۾ ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته اسرائيل طرفان لبنان تي حملن ۽ بم ڌماڪن ??بب شهري آبادي کي نشاڻو بڻايو پيو وڃي، اھا سراسر عالمي قانون جي ڀڃڪڙي آھي، حملن جي نتيجي ۾ شھري شھيد ۽ علائقي جو انفراسٽرڪچر (بنيادي ڍانچو) تباهه ٿي رھيو آھي. ھن چيو ته سموريون ڌريون غزه ۽ لبنان ۾ ان تباھي کي روڪين، هڪ اندازي مطابق لبنان ۾ اسرائيلي بمباري ??بب ھيستائين 12 لک شھري لڏپلاڻ تي مجبور آھن. جڏهن ته گڏ??ل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش غزه ۾ اسرائيلي جنگ کي هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي ??ال??ريل فلسطيني علائقن ۾ امن جي اپيل جو ورجاءُ ڪيو آهي. پنهنجي ويڊيو پيغام ۾ هن چيو آهي ته 7 آڪٽوبر غزه ۾ اسرائيل طرفان فلسطينين جي نسل ڪشي جي خوفناڪ واقعن تي قدرتي طور تي ڌيان ڏيڻ جو ڏينهن آهي. هن سمورن متاثرن ۽ سندن پيارن سان پنهنجي يڪجهتي جو اظهار ڪيو. گڏ??ل قومن جي سربراهه لبنان ۾ اسرائيلي حملن ۽ بمباري تي پڻ ڳڻتي جو اظهار ڪيو جنهن ??بب هڪ هزار کان وڌيڪ ماڻهو شهيد ۽ 10 لک کان وڌيڪ پنهنجا گهر ڇڏڻ تي مجبور آهن. هن چيو ته گذريل سال غزه ۾ اسرائيل جي خوفناڪ حملن کانپوءِ شروع ٿيل جنگ انساني زندگين کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي ۽ عزه ۾ فلسطينين ۽ هاڻي لبنان جي ماڻهن کي شديد انساني ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. واضح رهي ته غزه ۾ اسرائيلي جارحيت دوران 41825 فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن جن ۾ اڪثر عورتون ۽ ٻار شامل آهن. جنگ دوران 17 لک کان وڌيڪ ماڻهو مقامي طور تي بي گهر ٿي چڪا آهن.
لبنان تي اسرائيل جي بمباري عالمي قانون جي ڀڃڪڙي آھي: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : loteria Ceará