رياض – 27 نومبر (اي پي پي )سعودي ڪابينه نئين بجيٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، پرڏيهي ميڊيا مطابق سعودي عرب جي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان گذريل ڏينهن رياض ۾ نئين مالي سال 2025?? جي بجيٽ جي منظوري لاءِ ڪابينه جي خصوصي اجلاس جي صدارت ڪئي. ڪابينه نئين مالي سال لاءِ بجيٽ جو جائزو ورتو ۽ ان جي منظوري ڏني. نئين بجيٽ ۾ آمدني ج?? ڪاٿو 1.18 کر?? ريال لڳايو ويو جڏهن ته خرچ 1.28 کر?? ريال هوندو جنهن تحت بجيٽ خسارو 101 ار?? ريال لڳايو ويو آهي. سعودي ولي عهد وزيرن ۽ عهديدارن کي هدايت ڪئي ته هو پنهنجين صلاحيتن مطابق مُلڪ جي ويزن 2030ع جي سفر ۾ بجيٽ ۾ شامل ترقياتي ۽سماجي پروگرام حڪمت عملي ۽ منصوبن تي عملدرآمد جو عهد ڪن. هن چيو ته اسان اقتصادي بنياد تي سگهارو بڻائڻ ۽ مملڪت جي مالي حيثيت جي طاقت کي وڌائڻ لاءِ ڪم ڪندا رهنداسين. هن معاشي استحڪام جي مدد ۽ جامع ترقي حاصل ڪرڻ ۾ سيڙپڪاري فنڊ، نيشنل ڊولپمينٽ فنڊ ۽ ٻين ترقياتي فنڊز جي اهم ڪردار تي زور ڀريو. اهي انگ اکر سيپٽمبر ۾ ناڻي واري وزارت جي پري بجيٽ بيان مطابق آهن. جنهن ۾ مالي سال 2024ع جي ڪاٿي ج?? ڀيٽ ۾ آمدني ۽ خرچ ۾ چار سيڪڙو ۽ خساري ۾ 12 سيڪڙو گهٽتائي ڪئي وئي آهي. سعودي عرب جو مجموعي قرض 2025?? ۾ 1.3 کر?? ريال تائين پهچڻ جو امڪان آهي ج??ڪو جي ڊي پي ج?? 29.9 سيڪڙو جي برابر آهي. نئين بجيٽ ۾ اهم منصوبن ۽ شعبن تي خرچ کي تيز ڪندي شهرين ۽ رهائشين لاءِ ضروري خدمتن کي برقرار رکڻ کي ترجيع ڏني ويندي.
سعودي ڪابينه نئين بجيٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي، 101 ارب ريالن جو بجيٽ خسارو ظاهر
مضمون کا ماخذ : سٹاربرسٹ