گڏيل ??ومون -27 نومبر (اي پي پي) گڏيل ??ومن افغان حڪومت کان صحافين ۽ ميڊيا ڪارڪنن کي تحفظ فراهم ڪرڻ ??و مطالبو ڪندي چيو آهي، ته افغان حڪومت ان ڳالهه کي يقيني بڻائي ته ميڊيا آئوٽ ليٽس آزاداڻي طور تي بغير ڪنهن پابندي يا سينسرشپ جي افغانستان ۾ ڪم ڪري سگهن. افغانستان ۾ گڏيل ??ومن جي مشن (يو اين اي ايم اي) ۽ گڏيل ??ومن جي انساني حقن جي آفيس افغانستان ۾ ميڊيا جي آزادي جي عنوان سان جاري گڏيل رپورٽ ۾ آگسٽ 2021ع کان سيپٽمبر 2024ع وچ ۾ افغانستان ۾ صحافين، ميڊيا ورڪرن ۽ آئوٽ ليٽس جي درپيش وڌندڙ چئلينجز تي روشني وڌي. افغانستان ۾ گڏيل ??ومن جي مشن جي سربراهه روزا اوتن بائيزا چيو آهي، ته ڪنهن به ملڪ لاءِ آزاد پريس هڪ چونڊ ناهي پر هڪ ضرورت آهي. هن چيو ته افغانستان ۾ ميڊيا جي شعبي لاءِ فني ۽ مالي مدد ۽ اهڙي طرح اظهار جي آزادي ۽عوامي بحثن جي اهميت جي حمايت ملڪ جي ترقي لاءِ اهم آهي. افغانستان ۾ ميڊيا جي آزادي جي عنوان سان رپورٽ ۾ تشدد ۽ انبرابري جي سلوڪ جي 130 واقعن سان پنهنجي مرضي جي گرفتاري ۽ حراست جي 256 واقعن جو خاڪو پيش ڪيو ويو. گڏيل ??ومن جي رپورٽ جي جواب ۾ افغان پرڏيهي وزارت صحافين جي ان تعداد کي گرفتار ڪرڻ ??ي ترديد ڪندي چيو ته حراست ۾ ورتل ماڻهن ڏوهه ڪيو آهي. ان کان اڳ گڏيل ??ومن جي انساني حقن بابت هاءِ ڪمشنر وولڪر ترڪ چيو آهي ته صحافي ۽ ميڊيا ڪارڪن رڳو مبصر ناهن، هو شف??فيت ۽ جوابدهي کي يقيني بڻائين. هن چيو ته صحافي برادري کي انساني ۽ تحفظ جي مسئلن بابت اهم معلومات جي فراهمي ?? مدد ڏيڻ ۾ اهم آهن جيڪي سندن زندگين کي سڌي ريت متاثر ڪن ٿا. گڏيل ??ومن جي هيڊ ڪوارٽر ۾ روزاني جي بنياد تي ٿيندڙ ميڊيا بريفنگ دوران نائب ترجمان فرحان عزيز حق چيو آهي، ته عورت صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز کي خاص اڻبرابري وارن قدمن جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي جيڪو سندن ڪم ڪرڻ ??ي صلاحيت کي محدود ڪري ٿو. رپورٽ ۾ ان ڳالهه تي زور ڀريو ويو آهي ته آزاد صحافت نه رڳو شف??فيت ۽ احتساب لاءِ ضروري آهي پر ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي لاءِ به ضروري آهي.
افغان حڪومت صحافين کي تحفظ فراهم ڪري ۽ ميڊيا جي آزادي کي يقيني بڻائي: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : جیتنے والی لاٹری