واشنگٽن-09 جنوري (اي پي پي) آمريڪا جي نئين چونڊيل صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي يوڪرين بابت نامزد خاص ايلچي ڪيٿ ڪيلوگ نئين صدر جي مدي جي پهرين 100 ڏينهن اندر روس – يوڪرين جنگ کي ختم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا کي انٽرويو ۾ هن چيو ته نئون چونڊيل صدر پنهنجو عهدو سنڀالڻ کان اڳ 100 ڏينهن اندر روس يوڪرين جنگ کي حل ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو. هن چيو ته ڊونلڊ ٽرمپ روس يوڪرين جنگ کي ??لد کان ??لد ختم ڪرڻ ۽ يوڪرين جي خودمختياري کي محفوظ رکڻ جو خواهشمند آهي. ڪيٿ ڪيلوگ يوڪرين جنگ جي حوالي ??ان موجوده صدر جوبائيڊن جي طرز عمل کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي روس جي اڳواڻ ول??دي??ير پيوٽن سان ڳالهين کان کان انڪار کي سڀ کان وڏي غلطي قرار ڏني. هن چيو ته ڊونلڊ ٽرمپ ان طرح جي ڳالهين ۾ شامل ٿيڻ لاءِ تيار آهي ۽ هن جنگ جي خاتمي لاءِ 100 ڏينهن جي ٽائيم لائين تجويز ڪئي آهي.
ڊونلڊ ٽرمپ پاران يوڪرين بابت نامزد خصوصي ايلچي جو سئو ڏينهن ۾ روس يوڪرين جنگ کي ختم ڪرڻ جي عزم جو اظهار
مضمون کا ماخذ : resultados loteria ریو ڈی جنیرو