اسلام آباد – 09 جنوري (اي پي پي) پائيدار اقتصادي اوسر واري شرح لاءِ سڄي دنيا جي حڪومتن کي ايندڙ 10 سالن دوران 30 کرب ڊالر جا اضافي وسيلا پيدا ڪرڻا پوندا، پراپرٽي ٽيڪسز گهٽ آمدني وارن ملڪن کي ترقياتي ايجنڊا جي تڪميل ۾ مددگار ثابت ٿي سگهن ٿا. عالمي ??الياتي فنڊ (آئي ايم ايف) جي رپور?? مطابق اهي وسيلا تيزي سان ترقي ڪندڙ معيشتن جي مجموعي پيداوار (جي ڊي پي) جي 4 سيڪڙو جڏهن ته گهٽ آمدني وارن ملڪن جي جي ڊي پي جي 16 سيڪڙو جي برابر آهن. آئي ايم ايف تجويز پيش ڪئي آهي ت?? اضافي وسيلن جي دستيابي لاءِ مقامي سطح تي پراپرٽي ٽيڪس کي اثرائتي طور لا??و ڪرڻ جي قدمن جي ضرورت آهي. ٻئي پاسي آئي ايم ايف خبردار ڪيو آهي ته گذريل ڪجهه سالن دوران ٽيڪسز جي شرح ۾ ا??افي جي حوالي سان سڌاري سبب ڪجهه ملڪن ۾ سماجي ۽ سياسي مسئلا به پيدا ٿيا آهن جن کان تحفظ لاءِ سمورن شراڪتدارن جي صلاح سان قدم کڻڻا پوندا ۽ عوام کي به اعتماد ۾ وٺڻو پوندو. پائيدار معاشي ترقي جي وسيلن ۾ ا??افي جي سلسلي ۾ رئيل اسٽيٽ ٽيڪسز جو اثرائتو نفاذ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو ۽ ٻئي پاسي قومي ??يڪسن جي شرح وڌائڻ بدران پراپرٽي ٽيڪس جي موثر نفاذ سان نه ر??و ڪنهن قسم جي سياسي غير يقيني جي صورتحال کان بچي سگهجي ٿو پر مقامي سطح تي پراپرٽي ٽيڪس جي وصولي ۽ ترقياتي مقصدن لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو. آئي ايم ايف وڌيڪ چيو ته ملڪيت تي ٽيڪس جو اثرائتو نفاذ مقامي حڪومتن جي آمدني ۾ ا??افو ڪري سگهي ٿو. جنهن سان مقامي حڪومتون شهري آبادين جي مسئلن جي خاتمي ۽ ترقياتي هدف کي حاصل ڪرڻ کي يقيني بڻائي سگهجي ٿو. عالمي ??الياتي فنڊ جي رپور?? مطابق پراپرٽي ٽيڪس جي اثرائتي نفاذ لاءِ جديد ٽيڪنالوجيز مان فائدو کڻي سگهجي ٿو جڏهن ته پاليسي ريفارمز به گهٽ آمدني وارن ۽ تيزي سان ترقي ڪندڙ ملڪن جي آمدني وسيلن ۾ ا??افي کي يقيني بڻائي سگهي ٿي جنهن جي نتيجي ۾ ٻهراڙي ۽ شهري علائقن ۾ مقامي سطح تي بنيادي ڍانچي جي ترقي سان زندگي جي معيار ۾ ب?? اضافو ٿيندو.
پراپرٽي ٽيڪسز گهٽ آمدني وارن ملڪن جي ترقياتي ايجنڊا جي تڪميل ۾ مددگار ثابت ٿي سگهن ٿا: آئي ايم ايف
مضمون کا ماخذ : números da sorte loteria