اسلام آباد – 07 فيبروري (اي پي پي) و??اق?? ڪابينا چونڊ سڌارن بابت پارلياماني ڪميٽي جي سفارشن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي جيڪي ايندڙ مهيني بل جي صورت ۾ پارليامينٽ ۾ پيش ڪيون وينديون جن??ن تحت اليڪشن ڪميشن کي مڪمل انتظامي ۽ مالياتي خودمختياري ڏني ويندي، چونڊ تڪ وڌا??ڻ جي حوالي سان فيصلو آدمشماري کانپوءِ ڪيو ويندو. ڪابينا و??ڪن?? بائونڊري تي ڀارتي فائرنگ سبب شهيد ٿيندڙن جي پونيئرن کي 5 لک رپيا ۽ سخت زخمين کي ڏيڍ لک رپين جي ادائيگي جي پڻ منظوري ڏني آهي. افغان پناهگيرن جي رجسٽريشن جو عمل ڊسمبر 2017ع تائين مڪمل ڪيو ويندو ۽ سرحد تي اميگريشن جا قانون لاڳو ڪيا ويندا. اها ڳالهه قانون واري و??اق?? وزير زاهد حامد ۽ اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب و??اق?? ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏيندي ٻڌائي. اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو ته سڄي م??ڪ ۾ 46 جديد اسپتالون هنگامي بنيادن تي تعمير ڪيون پيون وڃن.
وفاقي ڪابينا پاران پارلياماني ڪميٽي جون سفارشون منظور
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری آن لائن