اسلام آباد – 20 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته معاشري جي غريب طبقن جي خدمت موجوده حڪومت جي ا??لين ترجيحن ۾ شامل آهي ۽ وزيراعظم جي وياج کان پاڪ قرض اسڪيم جي دائري ڪار کي توسيع ڏيڻ ۽ ان مقصد لاءِ وڌ کان وڌ مالياتي وسيلا مختص ڪرڻ جي سمورين ڪوششن کي يقيني بڻايو پيو وڃي. هن اها ڳالهه وزيراعظم آفيس ۾ وزيراعظم جي وياج کان پاڪ قرض اسڪيم (پي ا??م آءِ ايف ايل) تي اڳڀرائي لاءِ منعقد اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. اجلاس ۾ پي ايم آءِ ايف ايل جي اسٽيئرنگ ڪميٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر امجد ثاقب، غربت جي خاتمي واري فنڊ (پي پي اي ا??ف) جي چيف ايگزيڪيٽو آفيسر قاضي عظمت عيسيٰ، ??يم?? صدف ڪمال ۽ سينئر عملدارن شرڪت ڪئي
مضمون کا ماخذ : راکی