اسلام آباد – 20 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جو قوم کي خطاب غير روايتي هو، عمران خان جي جيڪو دل ۾ هوندو آهي اهو ??ي زبان تي هوندو آهي، عمران خان ڪجهه به لڪائي نا??ي رکندو کلي ڳالهه ڪندو آهي. هو اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جو حلف کڻڻ کانپوءِ پي ٽي وي کي پهريون انٽرويو ڏئي رهيو هو. هن چيو ته ملڪي ميڊيا ۾ پي ٽي وي جو پنهنجو هڪ مقام آهي، ارادو هو ته سڀ کان پهرين انٽرويو پي ٽي وي کي ڏيندس. هن چيو ته وزيراعظم جي حلف برداري واري تقريب ۾ پڻ انتهائي سادگي اختيار ڪئي وئي. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وزي?? چيو ته گذريل حڪومت ۾ سارڪ ڪانفرنس جي نا??ي تي ڪيتريون ئي قيمتي گاڏيون گهرايون ويون، سمورين اضافي گاڏين جي نيلامي ڪئي ويندي.
مضمون کا ماخذ : بہت سے نتائج