لاهور – 30 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مخالف اهو سمجهن ٿا حڪومت ڪامياب ٿي ته انهن جو پئسو پڪڙيو ويندو، ملڪي مافياز کي فڪر لڳي وئ?? آهي ته اسان ڪامياب ٿي وياسين ته مخالف ڌر جي سياست ختم ٿي ويندي، ملڪ مشڪل وقت مان ٻاهر نڪري آيو آهي، گهٽ عرصي ۾ پنجاب ۾ سڌارا سڀ کان وڌيڪ آيا آهن، ٽن هفتن جي محنت کانپوءِ بهترين ٽيم پنجاب ۾ آندي آهي جنهن سان پراڻي ۽ نئين پنجاب ۾ توهان کي فرق نظر ايندو، سموگ جي روڪٿام لاءِ ٻاهرئين ملڪن مان صاف تيل درآمد ڪر?? جو فيصلو ڪيو آهي، يورو 4 پ??ٽر??ل درآمد ڪنداسين، 2020ع جي آخر ??ائين يورو 5 پ??ٽر??ل تي منتقل ٿي وينداسين، لاهور ۾ 60 هزار ڪينال تي ٻيلا هڻ?? جو فيصلو ڪيو آهي جنهن سان ماحولياتي آلودگي تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملندي. هو وزيراعليٰ هائوس لاهور ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو.
مضمون کا ماخذ : خلائی جنگیں