اسلام آباد – 11 مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چ??و آهي ته سمورين صوبائي حڪومتن جي مرضي کانپوءِ ئي لاڪ ڊائون نرم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو و??و آهي، اسان پنهنجي ذميوارين کان پوري طرح آگاهه آهيون، جيڪڏهن لاڪ ڊائون نرم ڪرڻ جو فيصلو نه ڪريون هاته 71 ملين وڌيڪ ماڻهو غ??بت جي لڪير کان هيٺ هليا وڃن ها، ڪورونا جي وبا اسان کان گهُر ڪري ٿي ته اسان ڪنهن جي پڳڙي نه اڇاليون ۽ رڳو پاڪستان ڪارڊ کيڏون ڇو ته هن صورتحال ۾ صوبائي ڪارڊز کيڏڻ جي ڪا گنجائش نه آهي. قومي اسيمبلي ۾ ڪورونا وبا جي حوالي سان پاليسي بيان ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان جي سياسي قيادت متفقه فيصلو ڪ??و آهي ته پارليامينٽ کي اڳتي وڌندي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. پارليامينٽ جي اهميت کان ڪير به انڪار نه ٿو ڪري سگهي، حڪومت ان جو احتر??م ڪندي اجلاس هڪ نقاطي ايجنڊا تي طلب ڪيو ته جيئن ميمبر پنهنجي راءِ ڏئي سگهن.
سمورين صوبائي حڪومتن جي مرضي کانپوءِ لاڪ ڊائون نرم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي: شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : بڑا برا بھیڑیا۔