اسلام آباد – 22 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڪورونا وائرس جي مريضن جي لاءِ بيڊز ۽ آڪسيجن جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ کنيل قدمن تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آهي ته علائقائي ۽ عالمي تجربي کي سامهون رکندي اها ڳالهه واضح ٿي وئي آهي ته ڪورونا جي ر??ڪٿام جي ح??الي سان اختيار ڪيل حڪمت عملي جا بهتر نتيجا سامهون آيا آهن، سمارٽ لاڪ ڊائون جي حڪمت عملي تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ مقامي اڳواڻن ۽ ڪميونٽي جي شموليت کي يقيني بڻايو وڃي ۽ ٽائيگر فورس جون خدمتون به حاصل ڪيون وڃن. هن اهڙن خيالن جو اظهار ملڪ ۾ ڪورونا جي صورتحال ۽ وائرس جي ر??ڪٿام جي ح??الي سان اختيار ڪيل حڪمت عملي جي ح??الي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ڪورونا جي صورتحال، سڄي ملڪ جي اسپتالن ۾ آڪسيجن بيڊز جي انگ ۾ اضافي جي صورتحال، آڪسيجن جي طلب ۽ سپلاءِ، ملڪ جي وڏن شهرن جي متاثر علائقن ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو ڪرڻ ۽ عيدالاضحيٰ جي ح??الي سان تيار ڪيل ايس او پيز بابت معاملن تي تفصيلي غور ڪيو ويو. وزيراعظم کي چئني صوبن، آزاد ڄمن ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي اسپتالن ۾ ڪوويڊ جي لاءِ مخصوص بيڊز جي انگ ۾ اضافي جي لاءِ ڪيل ڪوششن ۽ ه??ست??ئين جي اڳڀرائي تي بريفنگ ڏني وئي.
ڪورونا جي روڪٿام بابت حڪمت عملي جا بهتر نتيجا سامهون آيا آهن: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : کڑک