اسلام آباد – 08 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته عالمي ادارن ڪورونا وبا جي باوجود پاڪستان جي معاشي انتظام جو اعتراف ڪيو آهي، لاهور ۾ نئين شهر جي تعمير جي منصوبي سان سيڙپڪاري جي راهه ه??وار ٿيندي. پنهنجي ٽوئيٽس ۾ هن چيو ته ملڪ تي جان ڏيندڙ عظيم فرزند ميجر طفيل شهيد نشان ح??در جي ور??يءَ تي قوم کيس زبردست خراج عقيدت پيش ڪري ٿي. پاڪ فوج جي جوانن جرئت ۽ بهادري جا روشن مثال قائم ڪيا. پوري قوم قابل فخر ??هيدن کي سلام پيش ڪري ٿي. هڪ ٻئي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته راوي ريور منصوبو نئين پاڪستان ۾ نئين لاهور جو بنياد آهي جنهن سان سيڙپڪاري جي راهه ه??وار ۽ عوام کي روزگار جا وسيع موقعا ملندا. وڻڪاري، ڍنڍ ۽ پاڻي صاف ڪرڻ جي پلانٽس جا منصوبا لاهور کي خوبصورت ۽ ماحول دوست بڻائيندا. هڪ ٻئي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته عالمي ادارن ڪوورنا وبا جي باوجود اسان جي معاشي انتظام جو اعتراف ڪيو آهي جيڪا شاندار ڪاميابي آهي. موڊيز پاڪستان جي ڪريڊٽ ريٽنگ سان آئوٽ لڪ مثبت قرار ڏني آهي.
عالمي ادارن ڪورونا وبا جي باوجود پاڪستان جي معاشي انتظام جو اعتراف ڪيو آهي: شبلي فراز
مضمون کا ماخذ : پاور بال