اسلام آباد – 11 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان موٽروي ريسٽ ايرياز ۾ شين جي ??ڌيڪ قيمتن تي شهرين جي شڪايتن جو نوٽيس ورتو آهي، وڌيڪ قيمتن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي وزيراعظم چيو ته ناجائز منافعي خورن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. وزيراعظم ڊيليوري يونٽ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان سٽيزن پورٽل تي شهرين جي ??وٽروي ريسٽ ايرياز ۾ شين جي ??ڌيڪ قيمتن جي حوالي سان شڪايتن جو نوٽيس ورتو ??هي. وزيراعظم ڊيليوري يونٽ مواصلات واري وزارت، اين ايڇ اي ۽ آءِ جي ??وٽروي کي خط لکيو ??هي. خط ۾ چيو ويو آهي ته موٽروي ريسٽ ايرياز تي قيمتن جي ??انيٽرنگ جي ??اءِ خصوصي ٽيمون لڳايون وڃن، ٽيمون موٽروي ريسٽ ايرياز تي ڏينهن ۽ رات باقاعدگي سان ڇاپا هڻن. ٽيمون ضرورت موجب ضلعي انتظاميا کان ڪنهن به وقت مدد وٺي سگهن ٿيون. موٽروي ريسٽ ايرياز تي وڌيڪ قيمتن جي خلاف فوري ۽ سخت ايڪشن ورتو وڃي، موٽروي ريسٽ ايرياز تي مسافرن ۽ سياحن جي آگاهي جي ??اءِ بينرز هنيا وڃن.
وزيراعظم موٽروي ريسٽ ايرياز ۾ شين جي وڌيڪ قيمتن تي شڪايتن جو نوٽيس وٺي ڇڏيو
مضمون کا ماخذ : ٹکٹ خریدنے کے حوالے سے الفاظ