اسلام آباد/نيويارڪ – 24 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي نيويارڪ ۾ جاري گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 76 هين اجلاس جي موقعي تي فن لينڊ جي پنهنجي هم منصب پ??ڪا??اويسٽو سان ملاقات ڪئي. ٻنهي پرڏيهي وزيرن ٻطرفي سياسي مشاورت جو اڳيون اجلاس جلد منعقد ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ملاقات دوران ٻطرفي لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان فن لينڊ سان پنهنجي ٻطرفي لاڳا??ن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي پاڪستان ۽ فن لينڊ جي وچ ۾ سفارتي رابطن جا 7 ڏهاڪا مڪمل ٿيڻ تي پرڏيهي وزير هاويسٽو کي مبارڪباد ڏني ۽ فن لينڊ سان سياسي لاڳا??ن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ معاشي لاڳا??ن کي گهرو ڪرڻ ۽ تعليمي تعاون کي مضبوط بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن ٻطرفي سياسي مشاورت جو اڳيون اجلاس جلد منعقد ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. شاهه محمود قريشي چيو ته ??سلام آباد ۾ فن لينڊ جو سفارتخانو ٻيهر کولڻ سان اسان جا واپاري لاڳاپا مضبوط ٿيندا ۽ عوامي سطح تي رابطن ۾ اضافو ٿيندو، پاڪستان ۽ فن لينڊ جي وچ ۾ اعليٰ سطحي رابطن جو فروغ ٻطرفي لاڳا??ن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو، پرڏيهي وزير فن لينڊ جي پرڏيهي وزير کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني ۽ ان کي افغانستان جي اڀرندڙ صورتحال ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي يقيني بڻائڻ جي حوالي سان پاڪستان جي موقف کان آگاهه ڪيو.
پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جي فن لينڊ جي پنهنجي هم منصب سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : پیش گوئی اور حکمت عملی