اسلام آباد – 17 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ اي وي ايم، ٻاهرئين ملڪ پاڪستانين کي ووٽ جي حق سميت ٻيا قانون منظور ٿيا. مملڪتي وزير پنهنجي هڪ ٽوئ??ٽ ۾ چيو ته قانونسازي جو هي عمل ٻنهي ايوانن جي حڪومتي ميمبرن ۽ اتح??دي?? پاران وزيراعظم جي ??يا??ت تي ڀرپور اعتماد جو اظهار آهي. هن چيو ته مخالف ڌر آر يا پار ڪندي خوار ٿي وئي آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب پنهنجي هڪ ٻئي ٽوئ??ٽ ۾ چيو ته بلاول زرداري گڏيل اجلاس ۾ قانونسازي ??ي لاءِ 222 ميمبرن جو وٽ وجهڻ ضروري هجڻ جو ڪوڙ ڳالهائي گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. مملڪتي وزير چيو ته گڏيل اجلاس ۾ قانونسازي ??ي لاءِ آئين جي آرٽيڪل 72 (4) تي پڙهي وٺو. هن چيو ته ان آرٽيڪل موجب گڏيل اجل??س جا سمورا فيصلا ايوان ۾ حاضر ميمبرن جي اڪثريتي ووٽ سان ٿيندا.
پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ اي وي ايم، ٻاهرئين ملڪ پاڪستانين کي ووٽ جي حق سميت ٻيا قانون منظور ٿيا: فرخ حبيب
مضمون کا ماخذ : قسمت کا پہیہ