اسلام آباد – 29 ڊسمبر (اي پي پي) ا??لا??ات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ڪتاب علمي، ادبي ۽ شعري خزاني تائين پهچ جو اهم ذريعو رهيو آهي، ڪتاب پڙهڻ جي شوق سان ئي هر معاشري مخ??لف شعبن ۾ ترقي جون منزلون طئي ڪيون آهن، جديد ميڊيا خاص طور تي انٽرنيٽ جي ا??ڻ ۽ پوءِ ڊيجيٽل ميڊيا جي فروغ ا??لا??ات تائين پهچ ۾ نئين رجحانن کي فروغ ڏنو، جتي ڊجيٽل، سوشل ميڊيا ا??لا??ات جو خانو آهن، اتي ڪتاب اڃا به علم حاصل ڪرڻ جو تمام وڏو ذريعو آهي. اها ڳالهه هن انفارميشن سروس اڪيڊمي جي اهتمام هيٺ اسٽڊي پروگرام ”تدبر“ جي افتتاحي تقريب جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چئي. ا??لا??ات واري وفاقي وزير چيو ته ڪتاب پڙهڻ جي فروغ لاءِ جتي وزارت جي آفيسرن کي جديد موضوعن بابت ڪتاب فراهم ڪيا ويندا، اتي اسان ٻاهرئين ملڪ مخ??لف سفارتخانن ۾ مقرر ميڊيا آفيسرن کي پڻ ا??هن جي فراهمي يقيني بڻائينداسين. هن چيو ته اڄ اسان کي جن سماجي ۽ اقتصادي مسئلن کي م??هن ڏيڻو پيو آهي، اسان کي بحيثيت قوم ا??هن جو حل ڳولڻو آهي. ا??لا??ات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ئي اسان جي سڃاڻپ آهي، اسان کي زندگي جي هر شعبي ۾ ملڪي ترقي جي لاءِ جدوجهد ڪرڻي پوندي. انفارميشن سروس اڪيڊمي جي اهتمام هيٺ ا??لا??ات ۽ نشريات واري وزارت جي آفيسرن جي لاءِ بڪ اسٽڊي پروگرام ”تدبر“ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي مقررين عوام ۾ ڪتاب پڙهڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. مقررين چيو ته ڪتاب علم جو ذخيرو هوندو آهي جڏهن ته ڊيجيٽل ميڊيا رڳو معلومات فراهم ڪري ٿي، نئين نسل ۾ ڪتاب پڙهڻ جي عادت کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي ڇو ته ان سان نه رڳو ا??هن کي تعليم جي حوالي سان معلومات ملندي جڏهن ته ا??هن جي علم ۾ پڻ اضافو ٿيندو. ا??لا??ات ۽ نشريات واري ا??وڻي سيڪريٽري محمد اعظم تقريب کي خطاب ڪندي انفارميشن سروس اڪيڊمي ۾ بڪ اسٽڊي پروگرام شروع ڪرڻ کي ا??لا??ات ۽ نشريات واري وزارت جو هڪ اهم قدم قرار ڏنو. هن چيو ته انٽرنيٽ اچڻ کانپوءِ ڪتاب پڙهڻ جي عادت ۾ گهٽتائي آئي آهي، انفارميشن گروپ جي آفيسرن کي ڪتابن جي فراهمي لاءِ ”تدبر“ پروگرام هڪ بهترين قدم آهي. ا??لا??ات واري ا??وڻي سيڪريٽري چيو ته ماضي ۾ وفاقي گادي واري شهر جي مخ??لف علائقن ۾ يونيسيف جي تعاون سان ٻارن جي لاءِ 10 لائبريريون کوليون ويون جن بهترين موقعا فراهم ڪيا. هن چيو ته هاڻي انٽرنيٽ تي لکين ڪتاب پي ڊي ايف فارميٽ ۾ موجود آهن ۽ ڪير به ا??هن مان فائدو کڻي سگهي ٿو. انٽرنيشنل اسلامڪ يونيورسٽي جي پروفيسر نجيبه عارف چيو ته نئين آفيسرن جي لاءِ ڪتاب پڙهڻ جي بحالي هڪ سٺو قدم آهي. ا??لا??ات جي ا??وڻي وزير جاويد جبار پنهنجي وڊيو پيغام ۾ چيو ته اسان کي ڪتاب پڙهڻ جي عادت وجهڻي پوندي، روزانو 30 کان 40 صفحن جو ڪتاب پڙهڻ ضروري آهي. هن چيو ته ”تدبر“ پروگرام سان انفارميشن آفيسرن جي صلاحيتن ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو. ڊاڪٽر هما بقائي پنهنجي وڊيو پيغام ۾ چيو ته ڪتاب ۾ علم موجود هوندو آهي جڏهن ته ڊيجيٽل ميڊيا رڳو معلومات فراهم ڪري ٿي. ان کان اڳ آجياڻي واري خطاب ۾ ڊائريڪٽر جنرل انفارميشن سروس اڪيڊمي سعيد جاويد چيو ته ڪتاب پڙهڻ ۾ گهٽتائي جو هڪ وڏو سبب ڪتابن جي قيمتن ۾ اضافو ٿيڻ آهي. هن چيو ته پرنٽنگ ڪارپوريشنسزتي ٽيڪسز ۾ گهٽتائي جي ضرورت آهي ته جيئن مناسب قيمت تي ڪتابن جي دستيابي کي يقيني بڻائي سگهجي.
ڪتاب علمي، ادبي ۽ شعري خزاني تائين پهچ جو اهم ذريعو رهيو آهي: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : dupla sena acumulada