اسلام آباد – 14 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حقيقي آز??دي جو مطلب بک ۽ غربت کان آز??دي آهي، معاشي خودمختياري کانسواءِ اسان جي آز??دي نامڪمل آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته پاڪستان جو ق??ام هڪ معجزو ۽ 20 هين صدي جي سڀ کان وڏي اڳڀرائي هئي ??يڪ?? قائداعظم جي متحرڪ قيادت ۽ قربانين جي ڪري ممڪن ٿي. هن چيو ته مسلمانن کي يقينن تمام گهڻين مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو هو پر انهن جو شڪست ڏيڻ جو عزم ان کان وڌيڪ مضبوط هو. وزيراعظم چيو ته جڏهن اسان پنهنجي محنت سان حاصل ڪيل آز??دي جو 75 هون جشن ملهائي رهيا آهيون، اسان کي غور فڪر ڪرڻ گهرجي ته اسان اڃا تائين ان خواب کي مڪمل طور تي پورو ناهي ڪيو جيڪو اسان جي بانين ڏٺو هو. ان ۾ سماجي ۽ اقتصادي انصاف، قانون جي حڪمراني ۽ برابر معاشري جو خواب شامل هو. هن چيو ته وقت اچي ويو آهي ته قوم اهو سمجهي ته حقيقي آز??دي جو مطلب ڇا آهي. اهو بک ۽ غربت کان آز??دي آهي. معاشي خودمختياري کانسواءِ اسان جي آز??دي نامڪمل آهي، اسان جي سڀ کان وڏي طاقت اسان جا ماڻهو آهن. هاڻي وقت اچي ويو آهي ته عوامي پاليسي جو محور انهن جي ڀلائي هجڻ گهرجي.
حقيقي آزادي جو مطلب بک ۽ غربت کان آزادي آهي، معاشي خودمختياري کانسواءِ اسان جي آزادي نامڪمل آهي: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : resultados loteria Bahia