ڪراچي- 01 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪ بحريه جو سڄي ملڪ ۾ ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ رليف اينڊ ريسڪيو آپريشن جاري آهي. جاري پڌ??ائ?? موجب پاڪ بحريه جا جوان سنڌ جي مختلف علائقن سانگهڙ، ميهڙ، سلطان ڪوٽ، شاهه بندر، دولت پور، چوهڙ جمالي، سجاول ۽ ٺٽي ۾ امداد?? ڪارروين ۾ حصو وٺي رهيا آهن. پاڪ بحريه سنڌ سان گڏوگڏ امداد?? ڪارروائين جو دائرو پنجاب ۽ خيبرپختونخوا جي ٻوڏ سٽيل علائقن تائين وڌائي ڇڏيو آهي، پاڪ بحريه جا جوان ٻيڙين ۽ هيل?? ڪاپٽرن ذريعي ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ ڦاٿل ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪري رهيا آهن. پاڪ بحر??ه طرفان متاثرن ۾ راشن بيگ، تيار کاڌو، صاف پاڻي ۽ ٻيو?? ضر??ري شيون ورهايون پيون وڃن. پاڪ بحر??ه طرفان راجن پور، سانگهڙ ۽ ڊي آءِ خان ۾ ميڊيڪل ڪيمپس کانسواءِ مختلف علائقن ۾ موبائيل ميڊيڪل ٽيمون به ڪم ڪري رهيون آهن، پاڪ بحريه جي جوانن ڊيره اسماعيل خان ۾ چشمه روڊ جي عارضي مرمت کانپوءِ ان کي عام ٽريفڪ لاءِ کولي ڇڏيو آهي.
پاڪ بحريه پاران ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ رليف اينڊ ريسڪيو آپريشن جاري
مضمون کا ماخذ : میگا مولا۔