اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي رمضا?? المبارڪ ۾ معاشري جي ڪمزور، محتاج ۽ ضرورتمند طبقي جي لاءِ احساس جو جذبو پيدا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيند?? چيو آهي ته اسان کي ڪمزور طبقن جو مددگار بڻجڻ ۽ مشڪل وقت ۾ انهن جو سهارو بڻجڻ جي ضرورت آهي. رمضا?? المبارڪ 1444هه شروع ٿيڻ تي قوم جي نالي پيغام ۾ صدر چيو ??ه رمضا?? المبارڪ جي بارڪت مهيني جي شروعات تي پوري پاڪستاني قوم ۽ مسلمان ??مت کي مبارڪباد ڏيان ٿو. الله تعاليٰ جي رحمت ۽ مهرباني سان اسان هڪ ڀيرو ٻيهر رمضا?? المبارڪ جي باسعادت گهڙين مان فائدو کڻي رهيا آهيون. اهي مبارڪ لمحا جتي هڪ مسلمان جي لاءِ روحاني ۽ اخلاقي ترقي جو سامان پيدا ڪن ٿا اتي ??مت جي وچ ۾ همدرديءَ، اخوت، ڀائيچاري ۽ تعاون جو پيغام کڻي پڻ اچن ٿا. هي مهينو مسلمانن جي لاءِ انفرادي ۽ اجتماعي سطح تي ترقي ۽ اصلاح جو ماحول پيدا ڪري پنهنجي زندگين کي نئين سر بهتر انداز ۾ شروع ڪرڻ جو بهترين موقعو آهي. صدر چيو ??ه الله تعاليٰ اسان تي روزا اهڙي طرح ئي فرض ڪيا آهن جهڙي طرح اسان کان اڳ ماڻهن تي فرض ڪيا ويا هئا ۽ ان جو مقصد انسان کي متقي بڻائڻ آهي. روزي جي ذريعي ماڻهو جي اندر صبر ۽ استق??مت جي قوت پيدا ٿئي ٿي. رمضا?? المبارڪ انسان جي اندر استقلال ۽ استق??مت جي طاقت پيدا ڪرڻ، عبادت ڪرڻ ۽ الله تعاليٰ جي حڪمن موجب هڪ محتاط انداز ۾ زندگي گذارڻ جي تربيت جو موقعو فراهم ڪري ٿو. جيئن ان مشق جي ذريعي پوري زندگي کي نظم ۽ ضبط ۽ الله جي حڪمن جو پابند بڻائڻ جو درس ڏنو وڃي ٿو. هن چيو ??ه توهان ڄاڻو ٿا ته ملڪ پاڪستان هن وقت سخت ترين معاشي پريشاني ۾ ورتل آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسان رمضا?? المبارڪ جي مهيني ۾ پنهنجي اندر معاشري جي ڪمزور، محتاج ۽ ضرورتمند طبقي جو احساس پيدا ڪريون. هي طبقو سڄو سال سنگين معاشي حالتن ۾ تڪليف، آزمائش ۽ امتحان مان گذري ٿو. اسان کي پنهنجي سگهه مان وڌي ان رمضان ۾ خاص طور تي ۽ پورو سال بالعموم ان طبقي جو مددگار بڻجڻ ۽ مشڪل وقت ۾ انهن جو سهارو بڻجڻ جي ضرورت آهي. يقينن ان نيڪ عمل جي ذريعي اسان رمضان جي مقصدن ۽ ان جو ثواب حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿينداسين. صدر ڊاڪٽر عارف علو?? چيو ته الله تعاليٰ کان دعا آهي ته هو اسان کي رمضا?? المبارڪ جي برڪتن ۽ فضيلتن سان فيضياب ٿيڻ جي توفيق عطا فرمائي ۽ ملڪ پاڪستان کي وڌيڪ ترقي عطا فرمائي.
رمضان المبارڪ ۾ معاشري جي ڪمزور، محتاج ۽ ضرورتمند طبقي جي لاءِ احساس جو جذبو پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : موبائل سے لاٹری کھیلیں