اسلام آباد – 28 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان 29 ۽ 30 مارچ تي جمهوريت بابت ٻي سربراهي ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت تي آمريڪا ۽ ٻين شريڪ ميزبان ملڪن جا ٿورا مڃيندي چيو آهي ته هڪ مت??رڪ جمهوريت طور پاڪستان جي عوام جمهوري قدرن سان گهري وابستگي رکي ٿي. پرڏيهي آفيس جي تر??مان پاران جاري بيان ۾ ميڊيا جي سوالن جا جواب ڏيندي چيو ويو آهي ته پاڪستان??ن جي نسلن وقت بوقت جمهوريت، انساني ح??ن ۽ بنيادي آزادين بابت پنهنجي اعتماد کي برقرار رکيو آهي، هلندڙ مهيني قوم 1973ع جي آئ??ن جي 50 هين سالگرهه ملهائي رهي آهي جيڪا پاڪستان ۾ جمهوري سياست جو سرچشمو آهي. تر??مان چيو ته اسان آمريڪا سان پنهنجي دوستي جو قدر ڪريون ٿا، بائيڊن انتظاميا دوران اسان جا گڏيل لاڳاپا ڪافي حد تائين وسيع ۽ وڌيا آهن، اسان خطي ۾ امن، استحڪام ۽ خوشحالي جي لاءِ پنهنجي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهيون. بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ان سمٽ جي عمل جو حصو ناهي رهيو جيڪو 2021ع ۾ شروع ٿيو جنهن ۾ ملڪن سان ڪجهه قومي واعدا ڪرڻ جي ضرورت هئي. تر??مان وڌيڪ چيو ته سربراهي اجلاس جو عمل هاڻي هڪ اعليٰ درجي جي مرحلي تي آهي، ان لاءِ پاڪستان جمهوري اصولن ۽ قدرن کي فروغ ڏيڻ، مضبوط ڪرڻ ۽ انساني ح??ن ۽ بدعنواني جي خلاف جنگ کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ آمريڪا ۽ سربراهي اجلاس جي شريڪ ميزبانن سان ٻطرفو تعاون ڪندو.
پاڪستان پاران 29 ۽ 30 مارچ تي جمهوريت بابت ٻي سربراهي ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت تي آمريڪا ۽ ٻين شريڪ ميزبان ملڪن جا ٿورا مڃيا
مضمون کا ماخذ : jogos de azar no Brasil