اسلام آباد – 10 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ري??يو پاڪستان ۽ اي پي پي پشاور جي عمارتن ۽ آفيسن تي پي ٽي آءِ جي هٿياربند جٿن جي حملن جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته پي ٽي وي، پارليامينٽ ۽ ٻين سرڪاري عمارتن تي حملو ڪرڻ پي ٽي آءِ جو شيوو آهي، جوابدارن ??ي نه رڳو گرفتار ڪيو ويندو پر سرڪاري نقصان پڻ وصول ڪنداسين، هي احتجاج نه فساد ۽ دهشتگردي آهي. پنهنجي ب??ان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته جهڙي طرح پي ٽي وي ۽ پارليامينٽ تي حملو ڪرايو ويو هو، اهڙي طرح عمران خان جي چوڻ تي اڄ ري??يو پاڪستان ۽ اي پي پي جي آفيسن تي حملو ڪيو ويو. هن چيو ته عورتن سميت سرڪاري عملي تي تشدد، ڀڃ ڊاهه ۽ ملڪيتن ??ي نقصان پهچائڻ دهشتگردي آهي. مريم اورنگزيب چيو ته ڀارت خوش ٿي رهيو آهي ته ڪشمير تي خبرون هلائيندڙ ري??يو کي عمران خان جي حامين باهه لڳائي ڇڏي، هي هر اهو ڪم ??ري رهيا آهن جنهن سان ڀارت ۾ شادمانا وڄايا وڃن ٿا. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پي ٽي آءِ جي هٿياربند فوج چاغي يادگار ۽ ري??يو آڊيٽوريم کي باهه لڳائي جنهن سان انهن جي ذهني حالت جو اندازو ??ري سگهجي ٿو. هن چيو ته جهڙي طرح عمران خان ملڪ ۽ توشه خانه ڦريو، اهڙي طرح ان جا حامي سرڪاري عمارتن جو سامان ڦري ويا. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڊائريڪٽر جنرل ري??يو پاڪستان کي شرپسندن جي خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ جو چيو آهي. شرپسندن سرڪاري نشريات به روڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ تارون ڪٽي ڇڏيون جيڪو سنگين رياستي ڏوهه آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پي ٽي وي، پارليامينٽ ۽ ٻين سرڪاري عمارتن تي حملو ڪرڻ پي ٽي آءِ جو شيوو آهي، جوابدارن ??ي نه رڳو گرفتار ڪيو ويندو پر سرڪاري نقصان به وصول ڪنداسين. هن چيو ته هي احتجاج نه، فساد ۽ دهشتگردي آهي. هن چيو ته لاهور ۾ قائداعظم جي گهر ??ي نشانو بڻائيندڙن کي چاغي جهڙي قومي يادگار، ري??يو جهڙي رياستي عمارتن جي حساسيت ۽ عزت جو ڪو خيال نه آهي، پوري قوم ان ڪڌي دهشتگرداڻي رويي ۽ قدمن جي مذمت ??ري ٿي.
اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير پاران ريڊيو پاڪستان ۽ اي پي پي پشاور جي عمارتن ۽ آفيسن تي پي ٽي آءِ جي هٿياربند جٿن جي حملن جي شديد مذمت، پي ٽي وي، پارليامينٽ ۽ ٻين سرڪاري عمارتن تي حملو ڪرڻ پي ٽي آءِ جو شيوو آهي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے سستے ٹکٹ