اسلام آباد – 06 ??جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ قابل تجديد توانائي جي معاهدي کي خوش آئنده قرار ڏيندي چيو آهي ته ان معاهدي تي تيزي سان عملدرآمد يقيني بڻايو ويندو، ان معاهدي تحت قابل تجديد توانائي جي صلاحيت 10 هز??ر ميگاواٽ آهي، پاڪستان جي آءِ ايم ايف سان معاهدي ۾ گڏيل عرب امارات اهم ڪردار ادا ڪيو، هر مشڪل وقت ۾ گڏيل عرب امارات پاڪستان جو ساٿ ڏنو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ قابل تجديد توانائي جي مفاهمت جي ياداشت تي صحيحن واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان ??وق??ي تي ڪوپ – 28 جي صدر ۽ گڏيل عرب امارات جي موسمياتي تبديلي وارو خصوصي نمائندو، صنعت ۽ ٽي??نالاجي وارو وزير سلطان احمد الجابر پڻ وفد سان گڏ موجود هو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته گڏيل عرب امارات جي وفد جي آجيان ڪريان ٿو، ڪوپ – 28 ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت تي گڏيل عرب امارات جي صدر جا ٿورائتو آهيان. هن چيو ته پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ قابل تجديد توانائي جو معاهدو خوش آئنده آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ شمسي توانائي ۽ ونڊ پاور سميت قابل تجديد توانائي ۾ تعاون جو بهترين ??وق??و آهي، گڏيل عرب امارات جي ڪمپنين کي ان شعبي ۾ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته اسان پرڏيهي سيڙپڪارن کي راغب ڪرڻ جي لاءِ شاند??ر منصوبو تيار ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ قابل تجديد توانائي منصوبي جيصلاحيت 10 هز??ر ميگاواٽ آهي، پنجاب، بلوچستان سميت ٻين علائقن ۾ سج جي روشني کي استعمال ۾ آڻي سگهجي ٿو جڏهن ته سنڌ ۽ خيبرپختونخواهه ۾ ونڊ پاور مان فائدو کڻي سگهجي ٿو. هن چيو ته اسان مفاهمت جي ان ياداشت کي معاهدي ۾ تبديل ڪري ان تي تيزي سان عملدرآمد يقيني بڻائينداسين. هن چيو ته گڏيل عرب امارات سدائين پاڪستان جي ڀرپور مدد ڪئي، پاڪستان جي آءِ ايم ايف سان معاهدي ۾ پڻ گڏيل عرب امارات جو اهم ڪردار آهي جنهن تي ان جا ٿورائتا آهيون، پاڪستاني حڪومت ۽ عوام پاران گڏيل عرب امارات جي حڪومت ۽ عوام جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪريان ٿو، سعودي عرب، چين ۽ گڏيل عرب امارات جي مدد کانسواءِ اهو معاهدو ممڪن نه هو، ناڻي واري وزير اسحاق ۽ ان جي ٽيم پڻ ڀرپور محنت ڪئي. ڪوپ – 28 جي صدر ۽ گڏيل عرب امارات جي موسمياتي تبديلي جي نمائندي صنعت ۽ ٽي??نالاجي واري وزير ڊاڪٽر سلطان احمد الجابر ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته شاند??ر ميزباني تي پاڪستان جو ٿورائتو آهيان، گڏيل عرب امارات جي صدر پاران پاڪستاني حڪومت ۽ عوام جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪريان ٿو. هن چيو ته پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ خصوصي دوستاڻا ۽ ڀا??راڻا لاڳاپا ۽ پائيدار حصيداري آهي، اسان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ نوان ??وق??ا ڳولي دوستاڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته ڪوپ – 28 ڪانفرنس ۾ موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ جي لاءِ نتيجاخيز ۽ جامع ايڪشن پلان جوڙيو ويندو. هن چيو ته ڪانفرنس ۾ سمورين ڌرين کي برابر ??وق??ا ۽ سازگ??ر ماحول فراهم ڪيو ويندو ته جيئن موسمياتي تبديلين جي اثرن ۽ ان کي منهن ڏيڻ جي لاءِ لاس اينڊ ڊيميج ۽ مالياتي عدم فراهمي سميت سمورن رخن جو جائزو وٺي سگهجي. هن چيو ته پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ قابل تجديد توانائي جو معاهدو ٻنهي رخن ۾ بهترين قدم آهي، پاڪستان سان ان شعبي ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جا خواهشمند آهيون.
پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ قابل تجديد توانائي معاهد خوش آئنده آهي، ان معاهدي تي تيزي سان عملدرآمد يقيني بڻايو ويندو: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی گائیڈ