اسلام آباد – 07 –جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پنج گولڊ ميڊل کٽيندڙ حافظ ??باد جي قابل ۽ محنتي نوجوان محسن علي کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته اهو قابل رشڪ ۽ فخر جوڳي محسن علي جي ڪ??ميابي جي ڪهاڻي ئي نه پر تعليم جي ذريعي نوجوانن جي زندگي ۽ معاشري ۾ تبديلي آڻڻ جي ولولي انگيز ??يز?? ۽ سوچ جي ڪ??ميابي جو هڪ بهترين مثال پڻ آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پنج گولڊ ميڊل کٽيندڙ حافظ ??باد جي ڳوٺ ميان رحيما جي ان قابل ۽ محنتي نوجوان محسن علي پاڪستان جي نوجوانن کي ڪ??ميابي جو راز سمجهايو. پنجاب جي وڏي وزير طور شهباز شريف محسن علي جهڙي سوين ذهين پر غريب نوجوان ٻارن ۽ ٻارڙين جي سرپرستي ڪ??ي، تعليمي وظيفا، ٻاهرئين ملڪ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ جا موقعا ڏيئي انهن جي حوصلا اف??ائي ۽ سرپرستي ڪ??ي جيڪي اڄ قائد محمد نواز شريف ۽ شهباز شريف جي يوٿ پروگرام جي ڪ??ميابي جا روشن ستارا بڻجي چڪا آهن ۽ ان ??يز?? جي ڪ??ميابي جي گواهي ڏئي رهيا آهن. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اڄ محسن علي انهي ميو ڪاليج لاهور ۾ ليڪچرار آهي جنهن جي ويجهو موجود تندور ۾ هو مانيون لڳائي پنهنجي خاندان جي لاءِ حلال رزق ڪمائي رهيو هو. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف اڄ محسن علي کي ڪ??وڙين پاڪستانين جي آڏو ڇاتي سان لڳائي شاباس ڏني. هڪ شاباس نواز شريف ۽ شهباز شريف کي به ملڻ گهرجي جن جي ??يز?? محسن علي ۽ ان جهڙن سوين غريبن کي ڪ??ميابي جي ان منزل تائين پهچڻ ۽ پنهنجا خواب سچ ڪري ڏيکارڻ ۾ عملي مدد ڪئي، اهو هوندو آهي ??يز??، اها هوندي آهي عوام جي چونڊيل قيادت.
مريم اورنگزيب پاران پنج گولڊ ميڊل کٽيندڙ حافظ آباد جي قابل ۽ محنتي نوجوان محسن علي کي خراج تحسين پيش
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کی دستیابی