اسلام آباد- 06 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پي ٽي وي جي 6 ملازمن جي 2 سالن ل??ءِ ترقي روڪڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، اها هدايت عورت ڪئميرا مين کي ڪم واري هنڌ تي هراسان ڪرڻ، غير محفوظ ۽ جارحاڻي ماحول پيدا ڪرڻ تي ڪئي وئي، صدر عورت ڪئميرا مين جي سروس مان برطرفي کي به ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب صدر چيو ته عورت خلاف ضابطه جي پيروي کانسواءِ، غير ذميوارڻي طريقي سان قانوني ڪارروائي شروع ڪئي وئي، عورت ڪئميرا مين خلاف بدتميزي ۽ توهين آ??يز جون ڪارروايون ڪيون ويون، صدر چيو ته ڪم واري هنڌ تي هراسان ڪرڻ هڪ عالمي رجحان آ??ي، جيڪو ترقي يافته ۽ اسرندڙ ملڪن ۾ ڏٺو وڃ?? ٿو، هراساني جو عمل مذهب، ثقافت، نسل، ذات، طبقي ۽ جاگرافيائي حدن کان مٿانهون آ??ي، تعليم ۽ روزگار تائين بهتر رسائي سان لکين پاڪستاني عورتون ڪم ڪري رهيون آ??ن، ڪيترن ئي ماڻهن کي روزاني جي بنياد تي ڪم واري هنڌ تي هراساني کي منهن ڏيڻو پوندو آهي، صدر چيو ته پاڪستان جهڙي ملڪ ۾ ڪم جي ج??ءِ تي هراساني جي خاتمي ل??ءِ ڪوشش ڪرڻ گهرجي، هراساني پاڪستان جي آئين ۾ موجود بنيادي حقن جي خلاف ورزي آهي، آرٽيڪل 25 جنس جي بنياد تي ڪنهن قسم جي امتياز کان منع ڪر?? ٿو، آئين سمورن معاملن ۾ قانون جي هڪجهڙي تحفظ ۽ برابري جي ضمانت ڏ?? ٿو، آرٽيڪل 34 رياست کي قومي زندگي جي سمورن معاملن ۾ عورتن جي مڪمل شرڪت کي يقيني بڻائڻ جو پابند ڪر?? ٿو، صدر چيو ته آرٽ:ڪل 37 (سي) ۾ عورتن کي ملازمت ۽ ڪم جي شرطن جي معاملن ۾ خصوصي حيثيت ڏني وئي آهي، هراساني کان پاڪ ماحول اعليٰ پيداواري صلاحيت، بهتر ڪارڪردگي جو سبب بڻج?? ٿو، هراساني ڪم ڪندڙ عورتن کي درپيش سڀ کان وڏين رڪاوٽن مان هڪ آهي، صدر پي ٽي وي ، عبدالرشيد، ضياءُ الرحمان، مقبول شاهه، محمد نور ۽ ڪنول مسعود طرفان داخل اپيل رد ڪري ڇڏي، حراسمينٽ جي خاتمي بابت وفاقي محتسب عورت کي چارج سيٽ ڪرڻ، معطلي جي حڪمن، بدلي ??رڻ ۽ ترقي روڪڻ ۽ هڪ لک ڏنڊ جي سزا ڏني هئي، صدر ملوث ملازمن تي محتسب جي طرفان لڳايل ڏنڊ جي سزا ختم ڪري، فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته شڪايت ڪندڙ شڪايت ڪئي ته پي ٽي وي ۾ ملازمن مٿس حملو ڪيو، جواب ڏيندڙن حمايت ڪئي، ڪيس ۾ جوابدارن تي جنسي هراساني جا الزام ثابت نه ٿيا هئا، تنهن ڪري محتسب ڪم واري هنڌ تي هراسان ڪرڻ جهڙيون ڪارروايون ڪرڻ تي سزا لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڏنو، جنسي هراساني ثابت نه ٿيڻ تي صدر 5 جنوري 2018ع تي محتسب جي فيصلي ??ي رد ڪيو هو، ان کانپوءِ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان عورت ڪئميرا مين ۽ اٽارني جنرل طرفان داخل ڪيل سول روينيو پٽيشنز کي منظور ڪري ورتو. فيصلي ۾ سپريم ڪورٽ ۽ اسلام آباد ه??ءِ ڪورٽ جي اڳوڻن فيصلن کي رد ڪيو ويو هو، سپريم ڪورٽ معاملو صدر مملڪت کي ٻيهر نئين سر فيصلي ??رڻ ل??ءِ واپس موڪليو هو، فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ لفظ ”هراساني“ جي تشريح ڪئي هئي، هراساني ل??ءِ ٻه شيون هونديون آ??ن، جنسي هراساني ۽ ڪم ل??ءِ غير محفوظ، مخالف يا جارحاڻو ماحول پيدا ڪرڻ، ڪيس جو حقيقتون جنسي مطالبن جي نوعيت جي دائري ۾ نٿيون اچن پر مخالفاڻي يا جارحاڻي ڪم جي ماحول جي دائري ۾ اچن ٿيون، بعد ۾ صدر جون ۽ جول??ءِ 2023ع ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، صدر سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ معاملي جو نئين سري سان فيصلو ڪيو، صدر چيو ته ”هراساني“ جي اصطلاح کي صرف جنسي نه پر غير محفوظ، مخالف يا جارحاڻو ماحول پيدا ڪرڻ جي پاسن کان به جاچڻ جي ضرورت آهي، جيڪڏهن ڪو مالڪ عورتن ل??ءِ غير محفوظ ماحول پيدا ڪر?? ٿو ته اها هراساني جي تعريف ۾ اچ?? ٿو، صدر چيو ته هراساني جي اصطلاح کي ڪم ل??ءِ غير محفوظ، مخالفڻي يا جارحاڻي ماحول جي روشني ۾ ڌار پڙهڻ گهرجي نه رڳو جنسي مطالبي جي روشني ۾. صدر محتسب جي فيصلي ??ي برقرار رکيو ۽ فيصلي خلاف اپيلون رد ڪري ڇڏيون، پي ٽي وي هراساني بابت پروٽوڪول بهتر بڻائي، پي ٽي وي ان ڳالهه کي يقيني بڻائي به مستقبل ۾ اهڙيون حالتون پيدا نه ٿين، صدر هدايت ڪئي ته هراسيت جي روڪٿام پروٽوڪول کي نظرثاني ۽ ان تي عملدرآمد جي رپورٽ پيش ڪئي وڃي، پي ٽي وي ح??م کي ٽن ڏينهن اندر لاڳو ڪري، پروٽوڪول تي رپورٽ محتسب کي جمع ڪرائي.
صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاران پي ٽي وي جي 6 ملازمن جي ٻن سالن لاءِ ترقي روڪڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : پریمیوس لوٹومینیا