اسلام آباد – 15 – آگسٽ (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته ڪنهن به ملڪ جي ترقي لاءِ بهترين انفراسٽرڪچر اهم حيثيت رکي ٿو، نيشنل هاءِ وي اٿارٽي ملڪ ۾ رستن جي تعمير ۽ نگراني جي حوالي سان بهترين ڪردار ادا ڪري رهي آهي، ملڪ ۾ اهڙن حصن ۾ روڊ انفراسٽرڪچر کي ترجيحي بنيادن تي ٺاهڻ جي ضرورت آهي جتي ٻاهرئين سيڙپڪاري متوقع ??هي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ مختلف وزارتن جي اهم معاملن تي اجلاس ٿيو جنهن ۾ مختلف وزارتن جي اهم معاملن تي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم کي نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي جاري ترقياتي منصوبن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس کي ڪوئ??ٽا – سکر هاءِ وي تي پنجرا پُل ۽ ڪوئ??ٽا زوب رستي تي سوار پُل تي جاري ڪم تي اڳڀرائي بابت تفصيلي طور تي آگاهه ڪي?? ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پنجرا پل جيڪا گذريل سال ٻوڏ سبب تباهه ٿي وئي هئي ان جي نئين سر تعمير تي ڪم ايندڙ مهيني کان شروع ڪي?? ويندو. گذريل سال ٻوڏ کانپوءِ پل تان گذرندڙ ٽريفڪ جي لاءِ ڪاز وي ٺاهيو ويو هو جنهن سان ٽريفڪ ۾ رڪاوٽ کي ختم ڪي?? ويو. 15 ميٽر ڊگهي ۽ اٽڪل 12 ميٽر ويڪري نئين پُل جي تعمير لاءِ گهربل وقت جو ڪاٿو 9 مهينا لڳايو ويو ??هي. وزيراعظم پُل جي تعمير جي لاءِ گهربل وقت ۾ گهٽتائي آڻڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته پنجرا پُل جي تعمير سان گڏوگڏ 118 ڪلوميٽر ڊگهي ڪوئ??ٽا – ڌاڌر روڊ ۽ 188 ڪلوميٽر ڊگهي ڌاڌر جيڪب آباد روڊ جي نئين سر تعمير ۽ بحالي پڻ ڪئي ويندي جنهن سان نه رڳو وقت ۽ ٻارڻ جي بچت ٿيندي پر ٽريفڪ جي رش پڻ گهٽ ٿيندي. اجلاس کي سوار پُل تي جاري مرمتي ڪم بابت پڻ آگاهه ڪي?? ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته 282 ميٽر ڊگهي سوار پُل جي مرمت جو ڪم آخري مرحلن ۾ آهي جڏهن ته ان دوران متبادل رستو نه هجڻ جي ڪري ٽريفڪ به نه روڪي وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ان پُل جي نئين سر تعمير تي پڻ جلد ڪم شروع ڪي?? ويندو جنهن ۾ گهربل وقت جو ڪاٿو 6 مهينا لڳايو ويو ??هي. نگران وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي جاري منصوبن تي ترجيحي بنيادن تي ڪم ڪرڻ ۽ تجويز ڪي?? منصوبن تي بريفنگ تيار ڪري پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي نگران وزيراعظم چيو ته ڪنهن به ملڪ جي ترقي جي لاءِ بهترين انفراسٽرڪچر اهم حيثيت رکي ٿو، نيشنل هاءِ وي اٿارٽي ملڪ ۾ رستن جي تعمير ۽ نگراني جي حوالي سان بهترين ڪردار ادا ڪري رهي آهي، ملڪ جي اهڙن حصن ۾ روڊ انفراسٽرڪچر کي ترجيحي بنيادن تي ٺاهڻ جي ضرورت آهي جتي ٻاهرئين سيڙپڪاري متوقع ??هي. هن چيو ته بلوچستان ۾ روڊ انفراسٽرڪچر تي خصوصي ڪم ڪرڻ جي ضرورت ??هي. هن هدايت ڪئي ته ڪراچي کان چمن رستي جي نئين سر تعمير تي ڪم شروع ڪي?? وڃي، ڪم جي رفتار تيز ڪرڻ جي لاءِ سمورا ضروري وسيلا استعمال ڪيا وڃن، بلوچستان جي ٻين صوبن سان رابطا رستن کي بهتر ڪي?? وڃي. هن چيو ته حڪومت جو ڪم ماڻهن جي زندگين ۾ آساني پيدا ڪرڻ ??هي.
ڪنهن به ملڪ جي ترقي لاءِ بهترين انفراسٽرڪچر اهم حيثيت رکي ٿو: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : سانتا کی جنگلی سواری۔