اسلام آباد – 19 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي س??ڪر??ٽري ظهور احمد چيو آهي ته فلم ۽ ڊراما فنانس فنڊ جيڪو فلم اينڊ براڊ ڪاسٽنگ پاليسي 2018ع تحت قائم ٿيو، جنهن جو مقصد پاڪستاني سئنيما جي بحالي ۽ فلم سازن جي لاءِ موزون اثر پيدا ڪرڻ آهي جيڪي هاڻي مختلف مالياتي ذريعن، گرانٽس ۽ قرضن تائين پهچ حاصل ڪري سگهن ٿا. اهڙن خي??لن جو اظهار هُن فلم اينڊ ڊراما فنانس فنڊ جي فنڊ ??ئنيجمينٽ ڪميٽي جي افتتاحي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو، اجلاس ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ ??بلي ڪيشنز ۾ ٿيو. واضح رهي ته رولز جي اعلان کانپوءِ فلم اينڊ ڊراما فنانس فنڊ جو قيام 5 آگسٽ 2023ع تي ٿيو. ڄاڻايل فنڊ ??ائم ڪرڻ جي لاءِ شروعاتي طور تي ٽيڪنيڪل سپليمنٽري گرانٽ جي مد ۾ هڪ ارب رپيا رکيا ويا آهن جڏهن ته اطلاعات واري وزارت ان فنڊ جي انتظام جي لاءِ هڪ فنڊ ??ئنيجمينٽ ڪميٽي جو پڻ اعلان ڪيو آهي جنهن ۾ فلمي صنعت جا ميمبر پڻ شامل آهن. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن انڪم ٽيڪس آرڊيننس 2001ع جي 13 هين ش??ڊيول ۾ فنڊ کي شامل ڪرڻ جي لاءِ وزارت جي ڪوششن کي ساراهيو. ان فنڊ ۾ حصو وجهندڙن کي اهڙي طرح ٽيڪس رعايت ڏني ويندي جهڙي طرح ڪارپوريٽ سوشل ريسپانسبلٽي (سي ايس آر) جي دائري ۾ ايندڙ ڪمپنين کي ڏني وڃي ٿي. اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ ??بلي ڪيشنز جي ڊائريڪٽر جنرل ثمينه فرزين انفارميشن واري س??ڪر??ٽري جا ٿورا مڃيندي اجلاس جي شرڪت ڪندڙن کي فلم اينڊ ڊراما فنانس فنڊ ۽ فنڊ ??ئنيجمينٽ ڪميٽي جي معاملن بابت ??گاهه ڪيو. اجلاس ۾ ناڻي واري وزارت، ايف پي سي سي آئي مان فنڊ ??ئنيجمينٽ ڪميٽي جي عهدي جي لحاظ سان ميمبرن سميت فلمي برادري سان تعلق رکندڙ ميمبرن بشمول پي ايف پي اي چيئرمين، ذوالفقار احمد مانا، نديم مانڊوي والا، شهزاد رفيق، سيد نور، ستيش آنند، اعجاز گل، بلال لاشاري، واسع چوڌري، ڪامران جاويد، سرمد کوسٽ، بدر اڪرام ۽ عرفان ملڪ سميت ٻين شرڪت ڪئي. اي پي پي/ع – ک/ش – چ 16:58
فلم ۽ ڊراما فنانس فنڊ جو مقصد پاڪستاني سئنيما جي بحالي ۽ فلم سازن جي لاءِ موزون اثر پيدا ڪرڻ آهي: اطلاعات ۽ نشريات جو وفاقي سيڪريٽري ظهور احمد
مضمون کا ماخذ : نتیجہ بہت زیادہ