اسلام آباد – 06 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان ۽ بحرين جي وچ ۾ وڌيڪ مضب??ط معاشي، تعليمي ۽ ثقافتي رابطا قائم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان بحرين سان ڀائراڻن لاڳاپن کي خصوصي ا??ميت ڏي ٿو. ايوان ص??ر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار گورنر هائ??س ڪراچي ۾ بحرين جي لاءِ پاڪستان جي نامزد سفير ثاقب رئوف سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. صدر چيو ته پاڪستاني سفارتخانا پاڪستان مان هنرمند ليبر فورس جي مٽاسٽا ۽ پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا وڌائڻ تي ڪم ڪن. صدر چيو ته پاڪستان کا?? قابل قدر مصنوعات جو روانگي واپار وڌائڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته نامزد سفير بحرين سان ٻطرفي واپار ۽ افرادي قوت جي درآمد تي ڌيان ڏي. صدر چيو ته مختلف سماجي ۽ اقتصادي شعبن خاص طور تي ا??فارميشن ٽيڪنالاجي ۽ مصنوعي ذهانت ۾ هنرمند افرادي قوت جي گهرج وڌي رهي آهي. ڊاڪٽر عارف علوي نامزد سفير کي مبارڪباد ڏيندي سندس لاءِ بحرين ۾ ڪاميابي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.
پاڪستاني سفارتخانا پاڪستان مان هنرمند ليبر فورس جي مٽاسٽا ۽ پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا وڌائڻ تي ڪم ڪن: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : ڈریگن کی قسمت