اسلام آباد – 25 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پاڪستان جي توانائي جي شعبي ۾ ??عو??ي عرب جي سيڙپڪاري جي آجيان ڪريون ٿا، ڪ??اچ?? اليڪٽرڪ پاران متبادل توانائي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي حڪمت عمل?? خوش آئنده آهي، جنهن سان صا??فين جي لاءِ بجلي جو ٽيرف گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان ??عو??ي عرب جي الجوميه گروپ جي سربراهه شيخ عبدالعزيز حماد الجوميه جي قيادت ۾ چار رڪني وفد ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ناڻي واري نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر شمشاد اختر ۽ توانائي وارو نگران وفاقي وزير محمد علي ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسر به موجود هئا. الجوميه گروپ ڪ??اچ?? اليڪٽرڪ ۾ وڏي پئماني تي سيڙپڪاري ڪئي آهي. نگران وزيراعظم وفد سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان ۽ ??عو??ي عرب جي وچ ۾ پراڻا ڀائراڻا لاڳاپا آهن، جيڪي وقت سان گڏ وڌيڪ مضبوط ٿي رهيا آهن. پاڪستان ۾ ??عو??ي عرب جي سيڙپڪاري کي قدر جي نگاهه سان ڏسون ٿا. پاڪستان جي توانائي جي شعبي ۾ ??عو??ي سيڙپڪاري جي آجيان ڪريون ٿا. هن چيو ته ڪ??اچ?? اليڪٽرڪ پاران متبادل توانائي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي حڪمت عمل?? خوش آئنده آهي جنهن سان صا??فين جي لاءِ بجلي جو ٽيرف گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هن اميد ظاهر ڪئي ته گهريلو ۽ صنعتي صا??فين کي بنا رڪاوٽ جي بجلي جي فراهمي سان ڪ??اچ?? اليڪٽرڪ پنهنجي انفراسٽرڪچر ۾ وڌيڪ بهتري آڻيندي. نگران وزيراعظم الجوميه گروپ کي پاڪستان ۾ متبادل توانائي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي ترغيب ڏني. الجوميه گروپ جي وفد ڪ??اچ?? اليڪٽرڪ جا پراڻا مسئلا حل ڪرڻ تي نگران وزيراعظم ۽ حڪومتي ٽيم جا ٿورا مڃيا. وفد نگران وزيراعظم کي 1500 ميگاواٽ جي نئين سيڙپڪاري جي منصوبن بابت آگاهه ڪيو. انهن منصوبن ۾ مقامي ذريعن ۽ قابل تجديد توانائي تي ڀاڙيو ويندو.
توانائي جي شعبي ۾ سعودي عرب جي سيڙپڪاري جي آجيان ڪريون ٿا، ڪراچي اليڪٽرڪ پاران متبادل توانائي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي حڪمت عملي خوش آئنده آهي: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی پیشگوئی