اسلام آباد – 22 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان بابري مسجد جي جڳهه تي رام مندر جي تعمير جي مذمت ڪندي ان کي ڀارت ۾ مسلمانن جي پسماندگي وڌائڻ جي ڪوشش قرار ڏنو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب صديون پراڻي مسجد کي 6 ڊسمبر 1992ع تي انتهاپسند هندوئن جي هجوم شهيد ڪر?? ڇڏيو هو، افسوسناڪ ڳالهه اها آهي ته هندستان جي اعليٰ عدليه نه رڳو ان ڪڌي فعل جي ذميوار ڏوهارين کي آزاد ڪر?? ڇڏيو پر شهيد ڪيل مسجد جي جڳهه تي مندر ٺاهڻ جي پڻ اجازت ڏئ?? ڇڏي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته پاڪستان ڀارتي شهر ايوڌيا ۾ شهيد ڪيل بابري مسجد جي جڳهه تي ”رام مندر“ جي تعمير جي مذم?? ڪري ٿو. اهو هندستاني مسلمانن جي سماجي، اقتصادي ۽ سياسي پسماندگي جي لا??ِ جاري ڪوششن جو هڪ اهم رخ آهي. شهيد ڪيل بابري مسجد جي جڳهه تي ٺاهيل مندر ايندڙ وقتن ۾ هندستان جي جمهوريت جي چهري تي ڪارو ڌٻو بڻجندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته ڀارت ”هندوتوا“ نظريي جي وڌندڙ لهر مذهبي هم آهنگي ۽ علائقائي امن جي لا??ِ سنگين خطرو آهي. عالمي برادري کي ڀارت ۾ وڌندڙ اسلامو فوبيا، نفرت انگيز تقريرن ۽ نفرت انگيز ڏوهن جو نوٽيس وٺڻ گهرجي. گڏيل قومن ۽ ٻين ??اڳ??پيل عالمي ادارن کي ڀارت ۾ اسلامي ثقافتي جاين کي انتهاپسند گروهن کان بچائڻ ۽ ڀارت ۾ اقليتن جي مذهبي ۽ ثقافتي حقن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي لا??ِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.
پاڪستان پاران بابري مسجد جي جڳهه تي رام مندر جي تعمير جي مذمت
مضمون کا ماخذ : como jogar lotomania