اسلام آباد – 15 – مئي (اي پ?? پي) صدر آصف علي زرداري زوب جي علائقي سمبازه ۾ ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو. صدر ميجر بابر خان شه??د جي بهادري، وطن جي لاءِ خدمت ۽ حب الوطني جي جذبي کي به ساراهيو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري ڪيل تعزيتي بيان ۾ صدر آصف علي زرداري فرض سرانجام ڏيڻ دوران شهادت ماڻڻ تي ميجر بابر خان شهيد کي خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر شه??د جي وارثن سان تعزيت ۽ ا??هن جي لاءِ صبر جي دعا ڪئي. هن شه??د جي بلند درجن جي لاءِ دعا پڻ ڪئي. صدر پاڪ فوج جي پ??شيواراڻي صلاحيتن کي پڻ ساراهيو.
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا