اسلام آباد – 02 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف تاجڪست??ن جي ٻن ڏينهن جي دوري تي اسلام آباد کان دوشنبي روانو ٿي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پار??ن جاري بيان موجب وزيراعظم جي وفد ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ وزيراعظم جو خاص مع??ون سيد طارق فاطمي شامل آهن. دوشنبي پهچڻ کانپوء?? وزيراعظم تاجڪست??ن جي قومي هيرو اسماعيل ساماني جي يادگار تي گلن جي چادر چاڙهين??و. ??زيراعظم قصرِ ملت جو دورو ڪندو جتي هو تاجڪست??ن جي صدر امام علي رحمان سان ملاقات ڪن??و. ??زيراعظم پاڪستان ۽ تاجڪست??ن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ گڏيل حصيداري جي حوالي سان مفاهمتي يادداشتن تي صحيحن واري تقريب ۾ پڻ شرڪت ڪندو. ان تقريب جي پڄاڻي تي وزيراعظم ۽ تاجڪ صدر گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندا. تاجڪ صدر وزيراعظم ۽ پاڪستاني وفد جي مان ۾ قصر نورز ۾ آجياڻو پڻ ڏيندو.
وزيراعظم محمد شهباز شريف تاجڪستان جي ٻن ڏينهن جي دوري تي دوشنبي روانو
مضمون کا ماخذ : خوش قسمتی کا رش