اسلام آباد – 20 – آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان پاڪستان جي دوري تي آيل ايشيا ۾ رابطي ۽ اعتمادسازي جي قدمن تي ڪانفرنس (سيڪا) جي سيڪريٽري جنرل سفير ڪيرات سريبي ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب نائب وزيراعظم ايشيا ۾ گڏيل ۽ ٺوس تعاون تي ٻڌل ۽ ??ائ??دار سلامتي جي لاءِ سيڪا جي ويزن جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن تڪرارن جي روڪٿام، مقامي تڪرارن جي بنيادي سببن کي حل ڪرڻ ۽ سيڪا خطي ۾ ??ائ??دار امن ۽ ترقي جي لاءِ ??ائ??دار حل ڳولڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. نائب وزيراعظم اڀرندڙ عالمي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ روڪٿام جي سفارتڪاري، گهڻ رخي ۽ علائقائي تعاون جي اهميت تي پڻ زور ڏنو. سيڪا جي سيڪريٽري جنرل پاڪستان جي فعال ۽ تعميري ??رد??ر ??ي ساراهيو ۽ نائب وزيراعظم ??ي سيڪا جي جاري سرگرمين ۽ مستقبل جي موقف کان آگاهه ڪيو.
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان سيڪا جي سيڪريٽري جنرل سفير ڪيرات سريبي جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : ٹمپل ٹمبل