اسلام آباد – 01 – جنوري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري نئون سال شروع ٿيڻ تي پاڪستاني قوم ۽ عالمي برادري کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته نئون سال ترقي ۽ خو??حالي ۽ عالمي سطح تي امن ۽ استحڪام ج?? سال هوندو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر آصف علي زرداري نئين سال تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته ملڪ کي درپيش چئلينجز مان نڪرڻ جي لاءِ يڪجهتي، نظم ۽ ضبط، مسلسل مح??ت ۽ لگن سان ڪم ڪرڻو پوندو. صدر نئين سال جي شروعات تي ملڪ ۽ قوم ج?? ترقي ۽ خو??حالي جي دعا ڪندي چيو ته نئون سال پاڪستاني قوم ج?? لاءِ امن، استحڪام، ترقي ۽ خو??حالي کڻي اچي. هن چيو ته پاڪستان جي نوجوانن کي موقعا فراهم ڪري انهن جي صلاحيتن کي نکارڻ تي سيڙپڪاري ڪرڻي پوندي، پاڪستان کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ غريب طبقي جي ترقي تي ڌيان ڏيڻو پوندو، بحيثيت قوم گذريل سال جي ڪاميابين ۽ ناڪامين جو جائزو وٺڻ ۽ ماضي مان سبق حاصل ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر ز??ر ڏنو ته اچو نئين سال جي شروعات تي عوامي خدمت، امن ۽ استحڪام ج?? لاءِ مح??ت سان ڪم ڪرڻ جو عزم ڪريون، الله تعاليٰ آڏو دعا آهي ته نئون سال ملڪ جي لاءِ ڪاميابين جو سال هجي.
صدر آصف علي زرداري پاران نئون سال شروع ٿيڻ تي پاڪستاني قوم ۽ عالمي برادري کي مبارڪون
مضمون کا ماخذ : گنہادورس دا میگا سینا