اسلام آباد – 27 – ڊسمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏ??هي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ڀارت جي اڳوڻي وزيراعظم آنجهاني ڊاڪٽر منموهن سنگهه جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. نائب وزيراعظم ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ چيو ته ڊاڪٽر منموهن سنگهه جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌي افسوس ٿيو. پاڪستان جي چڪوال ضلعي جي هڪ ڳوٺ ۾ پيدا ٿيندڙ ڊاڪٽر منموهن سنگهه هڪ ناليوارو اقتصاديات جو ماهر ۽ سياسي اڳواڻ هو. آنجهاني کي سندس دانشمندي ۽ نرم مزاجي جي طور تي ياد رکيو ويندو. سينيٽر اسحاق ڊار چيو ته اقتصاديات جي ميدان ?? پنهنجي نمايا?? ڪاميابين کان هٽي ڪري ڊاڪٽر منموهن سنگهه علائقائي امن جي فروغ جي لاءِ عزم رکندو هو، علائقائي مسئلن تي سندس موقف سندس ان يقين جي عڪاسي ڪندو هو ته گڏيل افهام تفهيم، ڳالهه ٻولهه ۽ تعاون گڏيل ترقي جي لاءِ ضروري آهي. هن بطور وزيراعظم پنهنجي دور ۾ پاڪ ڀارت ٻطرفن لاڳاپن کي بهتر بڻ??ئڻ ۾ ذڪر جوڳو ڪردار ادا ڪيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏ??هي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت ڊاڪٽر منموهن سنگهه جي گهرڀاتين ۽ ڀارتي حڪومت ۽ عوام سان پنهنجي دلي تعزيت جو اظهار ڪري ٿو.
نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق پاران ڊار ڀارت جي اڳوڻي وزيراعظم آنجهاني ڊاڪٽر منموهن سنگهه جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار
مضمون کا ماخذ : sorteos da loteria